ڪراچي ۾ پوليو رضاڪارن ڦڙا پيئارڻ واري مهم جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ رضاڪارن معاوضو نه ملڻ تي پوليو کان بچاءَ جا ڦــُڙا پيئارڻ واري مهم جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته اورنگي ٽائون ۽ سائيٽ ۾ ڇڪتاڻ سبب مهم شروع نه ٿي سگهي. ڪراچي جي 86 يونين ڪائونسلز ۾ ٽن ڏينهن واري پوليو خلاف مهم شروع ٿي وئي آهي جنهندوران 5 لک 75 هزار ٻارن کي ڦــُڙا پيئاريا ويندا. مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ پوليس اهلڪار پوليو ٽيمن سان گڏ ڊيوٽي ڪري رهيا آهن. نارٿ ناظم آباد ۽ گلبرگ سميت شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پوليو ورڪرز معاوضو نه ملڻ تي مهم جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي. نصرت ڀٽو ڪالوني ۾ احتجاج ڪندي پوليو رضاڪارن جو چوڻ هو ته کين گذريل 4 مهينن کان معاوضو نه ڏنو ويو آهي. ليڊي هيلٿ ورڪرز شڪايت ڪئي ته کين پوليو مهم جا روزانو 250 رپيا ملندا آهن جيڪي گهٽ آهن ۽ معاوضو وڌائي 500 رپيا ڪيا وڃن. ٻئي طرف سائيٽ ۽ اورنگي ٽائون ۾ اي اين پي اڳواڻ ڊاڪٽر ضياءُ الدين جي قتل بعد پيدا ٿيل ڇڪتاڻ سبب پوليو مهم شروع نه ٿي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *