ڪراچي ۾ پوليس ۽ رينجرز جون ڪارروايون، 5 ڏوهاري مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) لياري ۽ لياقت آبا د۾ پوليس ۽ رينجرز جي مبينا مقابلي ۾ 5 ڏوهاري مارجي ويا، ايس ايس پي سٽي فدا حسين مطابق لياري جي علائقي بغدادي ۾ پوليس ڇاپي دوران جوابدارن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن کانپوءِ پوليس طرفان جوابي فائرنگ ڪئي وئي جنهن ۾ 3 جوابدار مارجي ويا پوليس کي جوابدارن جي قبضي مان 16 آوان بم، ايس ايم جي گن ۽ 9 ايم ايم پسٽل هٿ ٿيا آهن جڏهن ته لياقت آباد ۾ رينجرز جي مقابلي ۾ 2  اغوا ڪار به مارجي ويا، لياري ۾ مارجي ويل جوابدارن جي سڃاڻپ عبدالرحمان عرف لمبا سبحان عرف گرينيڊ ۽ ذيشان جي نالي سان ٿي آهي ۽ ٽنهي جوابدارن جي لاشن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ايس ايس پي ڪراچي دعويٰ ڪئي آهي ته لياري ۾ مارجي ويل جوابدار قتل ۽ ڀنگ لاءِ اغوا جي ڪيترين وارداتن ۾ گهربل هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *