ڪراچي ۾ پوليس مقابلو، 3 دهشتگرد مارجي ويا، ٽارگيٽ ڪلر سميت 20 گرفتار

.ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جِي راڄڌاني ڪراچي ۾ ڏوهارين خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن جاري آهي، مختلف علائقن ۾ پوليس جي ڪاررواين دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته هڪ ٽارگيٽ ڪلر سميت 20 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ پڻ ورتو ويو آهي. اورنگي ٽائون جَي مومن آباد واري علائقي ۾ ڏوهارين جي موجودگي واري اطلاع تي پوليس سرچ آپريشن ڪيو. آپريشن دوران لڪل ڏوهارين اوچتو پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن دوران اهلڪارن جي جوابي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد ٿڏي مارجي ويا. ايس ايس پي اولهه موجب، مارجي ويل دهشتگردن جي شير دل، راحيل ۽ عمر طور سڃاڻپ ٿي آهي. ايس ايس پي اولهه جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتاخوري ۽ ڦرن جي وارداتن ۾ ملوث هئا. عيد گاهه واري علائقي ۾ پوليس مقابلي کانپوءِ 4 ڄڻن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته سندس 2 ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ٻئي طرف جهانگير روڊ واري علائقي ۾ پوليس سرچ آپريشن ڪري 20 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو، جن کي پڇاڳاڇا لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب، حراست ۾ ورتل ماڻهن جي قبضي مان هڪ پسٽل ۽ موٽرسائيڪل پڻ هٿ ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف ڪراچي مان گرفتار را جي ايجنٽ عارف انڊا تفتيش ۾ اعتراف ڪيو ته هن ڀارتي ايجنسي را کان تربيت ورتي آهي جڏهن ته ڀارت ۾ ڪراچي مان آيل ڇوڪرا جاويد لنگڙا وٽ رهندا هئا خانگي ٽي وي مطابق رپورٽ مطابق را جي ايجنٽ ڪروت عرف انڊا جاچ عملدارن کي ٻڌايو ته هو 1992 ۾ دهلي ۽ ممبئي ويو ۽ ڀارتي ڳجهي ايجنسي کان هٿيار هلائڻ جي تربيت ورتي جوابدار مطابق جوايد لنگڙا وٽ ڪراچي جي مختلف علائقن مان آيل ڇوڪرا رهندا هئا جڏهن ته نيپال بنگلاديش ۽ ڏکڻ آفريڪا رستي ذريعي به ڇوڪرا ايندا هئا جوابدار جاچ ٽيم کي ٻڌايو ته 2000 ۾ دهلي پوليس کيس پڪڙيو را جو تعرف ڪرايو ته ڳالهه ڀارتي ميڊيا ۾ ليڪ ٿي ويئي ذريعن مطابق جوابدار عارف ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جو ملازم آهي ٻئي پاسي ڀارتي ڳجهي ايجنسي جي سرگرمين تي نظر رکڻ لاءِ سي ٽي ڊي ۾ خاص سيل قائم ڪيو ويو سيل سڄي سنڌ مان گرفتار را جي ايجنٽن سان ٿيندڙ جاچ جو رڪارڊ تيار ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *