ڪراچي ۾ پوليس اهلڪارن تي حملن جي مذمت، بزدلاڻيون ڪارروايون قوم جي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن: صدر/وزير اعظم

اسلام آباد (بيورو)  صدر ممنون حسين ۽ وزيراعظم نواز شريف اربع ڏينهن ڪراچي ۾ پوليس اهلڪارن تي حملن جي سخت مذمت ڪئي آهي جن ۾ قيمتي جانين جو زيان ٿيو آهي. صدر پوليس فورس جي بهادري کي ساراهيندي چيو ته اهڙي قسم جون بزدلاڻيون ڪارروايون دهشتگردن ۽ ڏوهاري عنصرن جي خاتمي جي لاءِ قوم جي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ امن جي مڪمل بحالي تائين اهڙي قسم جي عنصرن جي خلاف سخت قدم کنيو ويندو. هن شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي گهرڀاتين سان تعزيت ڪندي چيو ته دهشتگردي جي خلاف سندن قربانيون رائيگان نه وينديون. پاڪستان جي هر شهري جي جان ۽ مال جو هر قيمت تي تحفظ ڪيو ويندو. صدر شهيد ٿيندڙن جي درجن جي بلندي جي لاءِ دعا پڻ ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *