ڪراچي ۾ ٽانڪي جي صفائي دوران ساهه ٻوساٽجڻ سبب 5 مزدور فوت، فيڪٽري سيل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪورنگي جي ويٽا چورنگي ويجهو  فيڪٽري جي ٽانڪي ۾ ڪم دوران 5 مزدور فوت ٿي ويا. خانگي ٽي وي چينل موجب ويٽا چورنگي ويجهو انڊسٽريل ايريا ۾ 5 مزدور فيڪٽري جي هيٺ زمين ۾ ٽينڪ جي صفائي جو ڪم ڪري رهيا ها ته ساهه ٻوساٽجڻ سبب 3 مزدورفوت ٿي ويا جڏهن ته 2 مزدور بيهوش ٿي ويا جن کي جناح اسپتال آندو ويو جتي وڌيڪ 2 مزدور فوت ٿي ويا.  ذريعن جو چوڻ آهي ته فيڪٽري ۾ پلاسٽڪ داڻو تيار ڪيو ويندو هو.جڏهن ته فيڪٽري اندر زمين هيٺ ٽانڪي ۾ 3 مزدور صفائي لاءِ لٿا ۽ ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي ويا جنهن بعد انهن کي ڪڍڻ لاءِ وڌيڪ 2 مزدور ٽانڪي ۾ لٿا جيڪي بيهوش ٿي ويا ۽ انهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو ويو جتي وڌيڪ 2 مزدور دم ڌڻي حوالي ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *