ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ، اورنگي ٽائون ۾ ٻه پوليس اهلڪار شهيد

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچيءَ جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا. ڪراچيءَ جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ٻن پوليس اهلڪارن تي فائرنگ ڪري ڏني.  هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻئي اهلڪار موقعي تي ئي مارجي ويا جڏهن ته هٿياربند ڀڄي ويا. واقعي جو اطلاع ملندي ئي امدادي ڪارڪن ۽ پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ لاشن کي اسپتال منتقل ڪري شاهديون گڏ ڪيون. ايس ايڇ او مومن آباد موجب سادا ڪپڙا پهريل اهلڪار هڪ ئي موٽرسائيڪل تي سوار هئا. اکين ڏٺن شاهدن موجب نوري چوڪ تي اسپيڊ بريڪر سبب موٽرسائيڪل آهستي ٿي ته موٽرسائيڪل تي سوار ٻنهي هٿياربندن نائن ايم ايم پسٽل تي ٻنهي پوليس جوانن تي فائرنگ ڪئي. ٻئي طرف ڪراچي پوليس چيف ڊاڪٽر امير شيخ ايس ايس پي ويسٽ کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي آهي. حملو ڪندڙن جي ڀڄڻ جا سي سي ٽي وي فوٽيجز منظر تي اچي ويا آهن جنهن ۾ ٻنهي موٽرسائيڪل سوارن کي فائرنگ کانپوءِ ڀڄندي ڏسي سگهجي ٿو. فوٽيجز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار چئن جوابدارن فائرنگ ڪئي ۽ ڀڄي ويا ۽ ٻن جوابدارن پي ڪيپ ۽ هڪ هيلمٽ پهري رکي آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *