ڪراچي ۾ ٽارگيٽيڊ آپريشن منطقي انجام تائين جاري رهندو: آرمي چيف

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آرمي چيف جنرل رحيل شريف رينجرز ۽ انٽيليجينس ايجنسين کي هدايت ڪئي ته ٽارگيٽ ڪلرز ۽ انهن جو ساٿ ڏيندڙن کي هر حال ۾ پڪڙيو وڃي، هن ان ڳالهه جو به سڪ ظاهر ڪيو ته ڪراچي ۾ ٿيندڙ هاڻوڪن قتلن جي پويان جيڪي مقصد آهن اهي ٻين ڪاررواين کان مختلف آهن، جن کي هر حال ۾ بينقاب ڪري پنهنجي انجام تائين پهچايو ويندو.آرمي چيف جنرل راحيل شريف ڪور هيڊ ڪواٽرز ڪراچي جو دورو پڻ ڪيو، ان موقعي تي ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نويد مختيار ۽ ڊي جي ريجنرز سنڌ مير جنرل بلال اڪبر ڪراچي آپريشن جي حوالي سان ارمي چيف کي وضاحت ڏني ۽ امن امان جي تازي صورتحال جي باري ۾ پڻ ڄاڻ ڏني. آرمي چيف آپريشن تي اطمينان جو اطهار ندي چيو ته آپريشن بنا فرق ۽ وڏي پئماني تي ٿي رهيو آهي جنهن سان ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀتي جي واقعن ۾ گهٽتائي ٿي آهي. ڪراچي آپرشن کي منطقي انجام تائين جاري رهندو. جنرل راحيل شريف جو چوڻ هو ته معيشت ۾ بهتري لاءِ ڪراچي ۾ امن امان پهرين ترجيح آهي، شهر مان سموري مافيا جي خاتمي تائين ڪم ڪندا رهنداسين، ڪراچي ۾ قتل جا تازا واقعا هڪ مخصوص پيٽرن تحت ٿي رهيا آهن جن جي منصوبابندي ڪندڙن جو ايجنسيون ۽ رينجرز سراغ لڳائين، ان موقعي تي آرمي چيف اين اي 246 جي پرامن چونڊن تي رينجرز جي ڪردار کي به ساراهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *