ڪراچي ۾ هڪ هفتي دوران بجلي جو چوٿون وڏو بريڪ ڊائون، شهر اونداهي ۾ ٻڏي ويو

ڪراچي (اين اين آءِ) ڪراچي ۾ هڪ هفتي دوران بجلي جو چوٿون وڏو بريڪ ڊائون ٿيو آهي مسلسل بريڪ ڊائون جو سبب ٽيڪنيڪي آهي يا انتظامي نااهلي ڪوئي ذميواري کڻڻ لاءِ تيار نه آهي فني خرابيون ڪئبل فالٽس جا بهانا پراڻا ٿي چڪا آهن حقيقت هي آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جو بجلي جي روانگي جو پراڻو نظام ختم ٿي چڪو آهي گذريل رات هڪ هفتي ۾ چوٿون بريڪ ڊائون ٿيو رات دير سان بن قاسم ٿرمل پاور پلانٽ ۾ فني خرابي سان شهر جا ڪيترائي علائقا اونداهي ۾ ٻڏي ويا لانڍي ڪورنگي ايئرپورٽ گلستان جوهر گلشن اقبال فيلڊر بي ايريا لياري صدر سوسائٽي سميت شهر جي سمورن علائقن ۾ بجلي بند رهي پاور بريڪ ڊائون سبب اسٽيل مل پورٽ قاسم سميت صنعتي زون جي بجلي به بند ٿي ويئي اڱارو ست جولاءِ کان سومر 13 جولاءِ تائين شهر ۾ هڪ هفتي دوران بجلي جو چوٿون وڏو بريڪ ڊائون ٿيو آهي رمضان جي رات پنجويهين شب تي ڪٿي ٻه وڳي ۽ ڪٿي سحري وقت کان بجلي بند ٿي ويئي منجهند 12 وڳي تائين بجلي جي مڪمل بحالي ممڪن نه ٿي سگهي هئي جن علائقن جي بجلي غائب ٿي انهن ۾ لانڍي گلشن اقبال گلستان جوهر گلشن معمار گلشن جمال ملير لياقت آباد نارٿ ڪراچي ناظم آباد ڪلفٽن ڊفينس گذري ڊفينس ويو بفرزون گلبرگ ايف بي ايريا سهراب ڳوٺ اسڪيم 33 انچولي نيوڪراچي برنس روڊپاڪستان چوڪ آءِ آءِ چندريگر روڊ ۽ ايئرپورٽ جا لاڳاپل علائقا شامل آهن بريڪ ڊائون جو سبب ٽيڪنيڪي آهي انتظامي نااهلي آهي يا ڪجهه ٻيو آهي ڪوئي ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ نه ئي ڪوئي جوابده اهي هوڏانهن ترجمان ڪي اليڪٽرڪ پهريان دعويٰ ڪئي ته سومر جي صبح ڪراچي ۾ بجلي جو ڪوئي وڏوبريڪ ڊائون نه ٿيو آهي خرابي دور ڪري اڌ ڪلاڪ ۾ تمام گريڊز ۽ فيڊر بحال ڪري ڇڏينداسين پر ڪجهه دير کان پوءِ ترجمان جو نئون بيان آڏو آيو ته بن قاسم هڪ ۽ ٻه جا تمام يونٽ ٽرپ ڪري ويا ۽ 95 فيڊرز بند ٿي ويا آهن جن تي ڪم جاري آهي. ٻئي طرف سومر جي صبح واٽر بورڊ جي پنج پمپنگ هائوسز ڌاٻيجي، پپري، گهارو، NEK ۽ حب پمپنگ هائوس جي بجلي 3.45 تي هڪ ئي مهل شٽڊائون سبب شهرين کي 154 ملين گيلن پاڻي تان هٿ ڌوئڻو پيو ۽ 72 انچ جي مين لائين به ڦاٽي پئي. تفصيل مطابق سومر تي صبح جو سوير 3.45 تي تمام پمپنگ هائوسز تي بجلي جو بريڪ ڊائون ٿيو جيڪو صبح 7 لڳي 20 منٽن تائين 3 ڪلاڪ کان وڌيڪ جاري رهيو ان دوران پاڻي جي فراهمي مڪمل طور تي بند ٿي ويئي 7 لڳي 20 منٽن تي بجلي بحال ڪئي ويئي جنهن کان پوءِ ڌاٻيجي مان سسٽم کي آهستي آهستي روانو ڪيو ويو ۽ پاڻي جي فراهمي معمول تي اچي ويئي جڏهن ته ان دوران ڌاٻيجي مان 128 ملين گيلن، پپري مان 18 ملين گيلن، Nek مان 18 ملين گيلن ۽ حب مان 8 ملين گيلن پاڻي جي فراهمي بند ٿي ويئي پاڻي جي هي کوٽ ايندڙ چئن کان وڌيڪ رهندي ان لاءِ ته ان کان اڳ به بجلي جي شٽ ڊائون سان پاڻي جي قلت آهي ان کان علاوه NEK تي بجلي 3 دفعا بند ڪئي ويئي رات 2 وڳي، 2 لڳي 45 منٽ ۽ 345 منٽن تي بجلي بند ٿيڻ سان 18 ملين گيلن پاڻي فراهم نه ٿي سگهيو ايم ڊي واٽر بورڊ سيد هاشم رضا زيدي شهرين سان تعاون ۽ پاڻي احتياط سان استعمال ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *