ڪراچي ۾ هٿياربند رستي مان ناري کي اغوا ڪري ويا، نوجوان گوليون هڻي زخمي

ڪراچي (م.ڊ) ڪراچي جي پوش علائقي ڊفينس ۾ ڪار سوار هٿياربند هڪ نوجوان کي گولي هڻي شديد زخمي ڪري ان سان گڏ موجود ڇوڪري کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا، پوليس موجب درخشان ٿاڻي جي حدن ۾ ڊفينس ۾ خيابان بخاري جي بخاري ڪمرشل اسٽريٽ تي رات واقعو پيش آيو، جنهن کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو آهي، پوليس موجب شروعاتي جاچ ۾ خبر پئي آهي ته نوجوان ۽ ناري خيابانِ بخاري جي مين اسٽريٽ تي روڊ تي پيادل گهمي رهيا هئا ته ڪار ۾ سوار هٿياربند اُتي پهتا ۽ نوجوان کي فائرنگ ڪري زخمي ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته ڇوڪري کي زبردستي ڪار ۾ اغوا ڪري ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي اطلاع تي ايس ايس پي سائوٿ شيراز نذير ۽ ايس پي انويسٽيگيشن فوري طور تي نفري سان گڏ پهتا، جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ايس ايس پي سائوٿ شيراز نذير جو چوڻ آهي ته واقعي کانپوءِ علائقي جي سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪيا پيا وڃن ۽ ڪجهه اکين ڏٺن شاهدن جا بيان به رڪارڊ ڪيا ويا آهن، حقيقي نوعيت ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پوليس ٻڌايو ته زخمي نوجوان کي فوري طور تي هڪ نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو، زخمي جي سڃاڻپ حارث سومرو جي نالي سان ٿي آهي، زخمي حارث ٻڌايو ته گاڏي ۾ ڪجهه ماڻهو آيا ۽ جن مون کي گولي هڻي گڏ دوست ڇوڪري کي اغوا ڪري ويا، پوليس موجب شروعاتي جاچ ۾ ڇوڪري جو نالو دعا منگي سامهون آيو آهي، ڇوڪري جي گهروارن رابطو ناهي ڪيو، ٻئي پاسي آءِ جي سنڌ ڪليم امام واقعي جو نوٽيس وٺندي تفصيل طلب ڪري ورتا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *