ڪراچي ۾ هٿياربندن ھٿان ڦر ڪوشش دوران مذاحمت تي 5 ٻارن جي پيءُ قتل، ھڪ جوابدار گرفتار

ڪراچي(م ڊ) نارٿ ناظم آباد ۾ هٿياربندن ڦر دوران فائرنگ ڪري 5 ٻارن جي پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، پوليس موجب نارٿ ناظم آباد بلاڪ سي ۾ موٽرسائيڪل سوار ٻن اسٽريٽ ڪرمنل هٿياربندن ڪار سوار شهري کي روڪي فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ۽ شهرين جي مدد سان هڪ جوابدار ڪامران کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته ٻيو فرار ٿي ويو، ريسڪيو اهلڪارن ڪار ۾ سوار رحيم بخش کي اسپتال پهچايو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته رحيم بخش اسپيئر پارٽس ۽ تعميرات جو ڪم ڪندو هو، 5 ٻارن جو پيءُ هو ۽ 2 شاديون ڪيون هيون، رحيم بخش شادي جي تقريب مان گهر واپس اچي رهيو هو ته واقعو پيش آيو

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *