ڪراچي ۾ مھانگائي سڀني کان وڌيڪ آھي، مريم نواز نيٺ ڪهڙي حيثيت سان حڪومتي ميڊيا سيل هلائي رهي هئي؟: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ن ليگ ميڊيا ۾ ورهاست پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ٻڌايو وڃي ته مريم نواز نيٺ ڪهڙي حيثيت سان حڪومتي ميڊيا سيل هلائي رهي هئي؟ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، جنهن جي اندروني ڪهاڻي سامهون آئي آهي. ذريعن موجب اجلاس ۾ وزيراعظم اٽي ۽ ڀاڻ جي بحران جو ذميوار مافياز کي قرار ڏنو ۽ چيو ته ڪراچي ۾ مهانگائيءَ جا انگ اکر سڀني کان وڌيڪ آهن، سنڌ حڪومت شيون ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي نه ڪئي. اجلاس ۾ مريم نواز جي آڊيو ٽيپ جي معاملي تي به بحث ڪيو ويو، وزيراعظم چيو ته اسان کي فاشسٽ چوندڙ پاڻ ان کان وڌيڪ آهن، انهن ميڊيا ۾ ورهاست پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ٻڌايو وڃي ته نيٺ مريم نواز ڪهڙي حيثيت سان حڪومتي ميڊيا سيل هلائي رهي هئي؟ اهي چون ٿا ته اسان ميڊيا تي پابنديون لڳائي رهيا آهيون، انهن جو پنهنجو اڇو چٺو سڀني جي سامهون اچي ويو. ذريعن موجب اجلاس ۾ اطلاعات واري وزارت اشتهارن بابت به بريفنگ ڏني. واضح رهي ته سوشل ميڊيا تي هڪ آڊيو وائرل ٿي هئي، جنهن ۾ مريم نواز ڪنهن کي چئي رهي آهي ته چئن چئنلن کي ڪو اشتهار نه ڏنو ويندو. ان حوالي سان مريم نواز اعتراف ڪندي چيو هو ته اهو آواز منهنجو ئي آهي ۽ آڊيو درست آهي، مان نه چونديس ته آڊيو ٽوڙي مروڙي ٺاهي وئي آهي يا منهنجو آواز ناهي، اهو منهنجو ئي آواز آ.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *