ڪراچي ۾ مڪمل امن قائم ڪرڻ تائين آپريشن بنا فرق جاري رهندو : وزير اعظم

ڪراچي  (اين اين آءِ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سومر جي صبح گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ گڏ ناشتو ڪيو ان موقعي تي سنڌ جو گورنر به موجود هيو، سنڌ جي وڏي وزيراعظم کي ايپڪس ڪميٽي جي فيصلن ۽ ان تي عملدرآمد کان آگاهه ڪيو ٽنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات اٽڪل پوڻا ٻه ڪلاڪ ٿيندي رهي . ملاقات ۾ صوبي جي صورتحال ۽ امن امان وفاق تحت ٿيندڙن منصوبن ۾ اڳڀررائي معاشي اقتصادي ۽ واپاري سرگرمين سميت اهميت وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات ۾ وزيراعظم چيو ته ڪراچي ۾ مڪمل امن قائم ڪرڻ تائين آپريشن بنا فرق جاري رهندو هن چيو ته وفاق سڄي ملڪ جي برابر ترقي جي سوچ تي قائم آهي. عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ ۽ هر قسم جون سهولتون ڏيڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، وزيراعظم چيو ته ڪراچي جي امن امان صورتحال بهتر ڪرڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت سان مڪمل سهڪار ڪري رهي آهي جڏهن ته سنڌ جي ترقي جي لاءِ به وفاق سهڪار ڪندو، جڏهن ته ٽنهي اڳواڻن جي وچ ۾ سياسي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان موجب وزيراعظم سان ملاقات ۾  وڏي وزير ايپڪس ڪميٽي جي فيصلن ۽ ان تي عملدرآمد کان آگاهه ڪيو، جڏهن ته ڪراچي ۾ اپريشن ۽ امن امان جي صورتحال کان پڻ آگاهه ڪيو، وڏي وزير وزيراعظم کي ڪي سي آر متعلق رنڊڪن بابت پڻ ٻڌايو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *