
ڪراچي (اين اين آءِ) ڪراچي جي علائقي بلديا ٽائون رئيس ڳوٺ ۾ رينجرز ۽ سي ٽي ڊي جي ڪاروائي موجب 8 دهشتگرد مارجي ويا ، ميڊِيا موجب رئيس ڳوٺ ۾ رينجرز ۽ سي ٽي ڊي دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪاروائي ڪئي. رينجرز ترجمان موجب ان دوران سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن تي وڌيڪ نفري گھرائي وئي، رينجرز جي ترجمان مطابق رينجرز ۽ سي ٽي ڊي سان مقابلي وقت پنج دهشتگرد مارجي ويا ۽ ٽي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا جيڪي بعد ۾ فوت ٿي ويا، جڏهن ته رات جي اونداهي مان فائدو وٺندي ڪجھه دهشتگرد ڦرار ٿي ويا، جن جي ڳولا لاءِ آپريشن شروع ڪيو ويو، ڪاروائي ۾ ٻه رينجرز ۽ سي ٽي ڊي جو هڪ اهلڪار پڻ زخمي ٿيو. فوتي ۽ گرفتار دهشتگردن جي رهائشگاهه تان هٿيار ، بارود ۽ ٻيو سامان به هٿ آيو آهي.