ڪراچي ۾ مسجد ٻاهران ڌماڪو، 3 ڄڻا مارجي ويا، 20 زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آرام باغ جي علائقي پاڪستان چوڪ ۾ بوهري فرقي جي صالح مسجد ۾ گيٽ ويجهو بيٺل موٽرسائيڪل ۾ لڳل بارودي مواد ڌماڪي سان 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ عورت سميت 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو ريسڪيو ذريعن مطابق زخمين کي بوهري ۽ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي 4 زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، اکين ڏٺن شاهدن مطابق مسجد ۾ نماز جي ادائيگي کانپوءِ نمازي ٻاهر اچي رهيا هئا ته ان دوران هڪ لڳي 50 منٽن تي ڌماڪو ٿي پيو جنهن سبب ڪيترائي نمازي زخمي ٿي پيا جڏهن ته دونهون ڦهلجي ويو گيٽ ويجهو بيٺل موٽرسائيڪلون ڪري پيون مقامي پوليس چيو ته مسجد جي گيٽ تي بيٺل موٽرسائيڪل ۾ بارودي مادو لڳايو ويو هو جنهن سبب ڌماڪو ڪيو ويو جڏهن ته ڊي آءِ جي خالد شيخ چيو ته ڌماڪو ڪرڻ لاءِ ٽائم ڊيوائيس جو استعمال ڪيو ويو، بم ڊسپوزل اسڪواڊ پنهنجي شروعاتي رپورٽ ۾ چيو آهي ته ڌماڪي ۾ 3 کان ساڍا 3  ڪلو بارودي مادو استعمال ڪيو ويو ۽ ان ۾ نٽ بولٽ ۽ ڇرا به استعمال ڪيا ويا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *