ڪراچي ۾ لا اينڊ آرڊر جي صورتحال به خراب ڪرائيندو رهيس: ڀارتي جاسوس جو اعتراف

اسلام آباد (اين اين آءِ) ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جي جاسوس ڪل ڀوشن بلوچستان، ڪراچي ۾ دهشتگردي جون ڪارروائيون ڪرائڻ ۽ بلوچ لبريشن کي فنڊنگ جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته حسين مبارڪ پٽيل جي نالي سان ڀارتي ايجنسين لاءِ ڪم ڪندو رهيو آهيان 2022 ۾ منهنجي ريٽائرمينٽ ڪميشن آفيسر طور ٿيڻي آهي، آفيسر بلوچستان طور ۽ ڪراچي ۾ ڪارروائيون ڪرائيندو رهيو آهيان را جي جوائنٽ سيڪريٽري انيل گپتا جي ماتحت آهيان بلوچ اسٽوڊنٽ تحريڪ کي هينڊل ڪرڻ منهنجو ڪم هيو بلوچ باغين کي ڪيترن ئي طريقن سان فنڊنگ ڪئي وڃي ٿي، را مستقل قريب ۾ بلوچستان ۾ ڪجهه وڏين ڪارروائين جو پلان ڪرڻ گهري پئي انهيءَ سلسلي ۾ پاڪستان ۾ آيس، گرفتاري کانپوءِ مون کي بهتر نموني سان ڊيل ڪيو ۽ سٺي پيشوراڻي انداز ۾ مون سان ورتاء ڪيو ويو ڪنهن دٻاءَ بنا سڀ ڪجهه سچ ٻڌائي ڇڏيو آهي اڱاري تي سينيٽر پرويز رشيد ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوا ڀارتي جاسوس ڪل ڀوشن ياديو جي گرفتاري جي حوالي سان پريس ڪانفرنس ۾ ڀارتي جاسوس جي اعترافي بيان تي ٻڌل ويڊيو ڏيکاري اٽڪل ڇهه منٽن جي ويڊيو ۾ ياديو پاران ٻڌايو ويو ته منهنجو نالو ڪل ڀوشن ديو ۽ نمبر 41558 آهي مان انڊين نيوي جو حاضر سروس آفيسر آهيان ۽ منهنجو تعلق انڊين نيوي جي ٽيڪنيڪل ڊپارٽمينٽ سان آهي ۽ منهنجو ڪوڊ نالو حسين مبارڪ پٽيل هيو جيڪو مان ڀارتي ايجنسين لاءِ ڪم ڪرڻ جي ڪري اختيار ڪيو مان نيشنل ڊفينس اڪيڊمي 1987 ۾ جوائن ڪئي ۽ ان کانپوءِ انڊين نيوي ۾ منهنجي شموليت جنوري 1991 ۾ ٿي ۽ ڊسمبر 2001 تائين ڪم ڪندو رهيس. ان کانپوءِ ڀارتي پارلياميڻٽ تي حملو ٿيو، هي اهو وقت هيو جڏهن مان ڀارتي ڳجهين ايجنسين لاءِ جاسوس طور ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هن ٻڌايو ته مان انڊيا جي شهر ممبئي ۾ رهندو هيس هن اعتراف ڪيو ته مان هن وقت ڀارتي نيوي جو حاضر سروس آفيسر آهيان. مان پنهنجي 14 سال نيوي سروس کانپوءِ 2003 ۾ انٽيليجنس آپريشن شروع ڪيا ۽ ايران چار دهار ۾ پنهنجو ننڍو ڪاروبار سيٽ ڪيو مان 2003 ۽ 04 ۾ پنهنجي ڪوڊ نالي سان ڪراچي جي ڪيترائي دفعا وزٽ ڪئي جنهن جو مقصد انڊين را لاءِ بنيادي ٽاسڪ پورا ڪرڻا هيا مون کي 2013 جي آخر ۾ را ۾ شامل ڪيو ويو هو تڏهن کان مان بطور آفيسر بلوچستان ۽ ڪراچي ۾ ڪارروائيون ڪرائيندو رهيس ڪراچي ۾ لا اينڊ آرڊر جي صورتحال به خراب ڪرائيندو رهيس. هن چيو ته بنيادي طور تي مان را جي سيڪريٽري انيل گپتا جي ماتحت آهيان ۽ انيل گپتا جي پاڪستان ۾ موجود رابطن خاص طور تي بلوچ اسٽوڊنٽس کي هينڊل ڪرڻ منهنجو ڪم هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *