ڪراچي ۾ قبضا مافيا جو راڄ، ايف آءِ اي جي جاچ مڪمل، پوليس ۽ رينجرز طلب

ڪراچي(م.ڊ) ڪراچي ۾ قبضا مافيا پاران 350 کان وڌيڪ ايڪڙ زمين تي قبضي جي انڪشاف تي ايف آءِ اي جاچ مڪمل ڪري ورتي، ايف آءِ اي جي اينٽي ڪرپشن ونگ پاران زمينن تي قبضن واري جاچ مڪمل ڪرڻ بعد تفصيل گهرو کاتي ڏانهن به اماڻيا ويا آهن، جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي هت ڪراچي جي 9 ديهن ۾ ٿيل قبضن جا تفصيل گڏ ڪيا ويا، ديهه سرجاني ۾ 74 ايڪڙ، سپر هاءِ وي تي ديهه گجو ۾ 40 ايڪڙن تي قبضو آهي، جاچ رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته گلش اقبال جي ديهه اوڪي واڙي ۾ 20 ايڪڙ ۽ ديهه ٿاڻو ملير ۾ 28 ايڪڙن تي قبضو ٿيل آهي، ديهه لانڍي ۾ 24 ايڪڙ ۽ ديهه سونگل ۾ 16 ايڪڙ زمين لينڊ گريبرن جي قبضي هيٺ آهي جڏهن ته ديهه منگهو پير ۾ 7، ديهه ببرانو ۾ 37 ايڪڙن تي قبضو آهي، ايف آئي اي پاران قبضي هيٺ آيل زمين خالي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ گهرو کاتي کي خط لکي پوليس ۽ رينجرز طلب ڪئي وئي، قبضا مافيا خلاف ميگا آپريشن ۾ اينٽي انڪروچمينٽ ۽ ضلعي انتظاميا به حصو وٺندي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *