ڪراچي ۾ فائرنگ ۾ ڊي ايس پي محافظ سميت مارجي ويو ، جناز نماز بعد مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي شاهه فيصل ڪالوني ۾ نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڊي ايس پي ذوالفقار زيدي محافظ سميت مارجي ويو آهي. ڪراچي جي علائقي شاهه فيصل ڪالوني ۾ نمبر 2 ۾ فائرنگ ۾ ڊي ايس پي ذوالفقار ۽ سندس محافظ شعيب مارجي ويا آهن. پوليس موجب ڊي ايس پي ذوالفقار زيدي شاهه فيصل ڪالوني ۾ هڪ هوٽل تي ويٺو هو ته 2 موٽرسائيڪلن تي سوار 4 دهشتگردن مٿس فائرنگ ڪئي جنهن کي پوءِ ٻئي ڄڻا موقعي تي ئي مارجي ويا. ايسايس پي ڪورنگي جنيد شيخ موجب واقعي واري هنڌ تي نائين ايم ايم پسول جا 16 خول مليا آهن ۽ ڊي ايس پي ذوالفقار زيدي کي 6 گوليون لڳيون جڏهن ته ڊي آئي جي ايسٽ جو چوڻ هو ته مقتول پوليس آفيسر جي دوست موجب کيس قتل جون ڌمڪيون ملير هيون هيون. ڊي ايس پي ذوالفقار زيدي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو سيڪيورٽي انچارج ۽ شاهه فيصل ڪالوني جو رهواسي هو. ڊي ايس پي جي قتل کانپوءِ آئي جي سنڌ غلام حيدر جمالي ۽ ايڊيشنل آئي جي ڪراچي غلام قادر ٿيٻو واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ واقعي بابت معلومات ورتي. هوڏانهن وزيراعظم نوازشريف پوليس آفيسر جي قتل جي مذمت ڪندي واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، وزيراعظم نوازشريف پوليس جو مورا بلند ڪرڻ تي زور ڏنو جڏهن ته سنڌ حڪومت کي سيڪيورٽي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. ٻئي پاسي سنڌ هاءِ ڪورٽ به ڊي ايس پي ذوالفقار زيدي جي قتل جو نوٽيس وٺندي آئي جي سنڌ کان سومر تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. سنڌ جي وڏي وزير واقعي جو نوٽيس وٺندي آئي جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪئي آهي، جڏهن ته سنڌ جي گورنر به واقعي جي مذمت ڪندي قاتلن جي گرفتاري جي هدايت ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *