ڪراچي ۾ فائرنگ دوران هڪ رينجرز اهلڪار شهيد، جوابي ڪارروائي ۾ 2 گينگ وار مارجي ويا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) لياري ۾ رينجرز جي گاڏي تي گينگ وار جي جوابدارن جي فائرنگ سبب هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ 2 جوابدار پڻ مارجي ويا، لياري جي علائقي چيل چوڪ ويجهو رينجرز اهلڪار معمول مطابق گشت ڪري رهيا هئا ته اوچتو اڻڄاتل ماڻهن انهن جي گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ هڪ رينجرز اهلڪار شهيد ٿي ويو ۽ هڪ سخت زخمي ٿي پيو واقعي کانپوءِ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن علائقي کي گهيري ۾ آڻي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو ۽ ان دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 جوابدار مارجي ويا مارجي ويلن جي سڃاڻپ سرور بلوچ ۽ اويس جي نالي سان ٿي جن جو تعلق عذير بلوچ گروپ سان ٻڌايو پيو وڃي واقعي کانپوءِ علائقي ۾ سخت ڇڪتاڻ آهي ۽ رينجرز جي وڏي نفري مقرر آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *