ڪراچي ۾ فائرنگ جي واقعن دوران 5 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ فائرنگ جي واقعن دوران 5 ڄڻا مارجي ويا سائيٽ جي علائقي باواني چالي ۾ فائرنگ سبب 3 ڄڻا مارجي ويا۽ 4 زخمي ٿي پيا ايس ايڇ او سائيٽ اي انسپيڪٽر فصيح الزمان ٻڌايو ته باواني چالي ۾ اڻڄاتل ماڻهن ڇولن جي ريڙهي تي ويٺل ساجد نالي همراهه تي فائرنگ ڪري ڏني ساجد ڀڄڻ لڳو ته جوابدارن سندس پيڇو ڪندي انڌا ڌند فائرنگ ڪئي جنهن ۾ 40 سالا عليم جان، 9 سالا عرفان، 18 سالا فيض الله، 25 سالا يار محمد، 62 سالا شيرزادو ۽ 40 سالا محبوب زخمي ٿي پيا فائرنگ سبب ڀاڄ پئجي وئي، ايس ايڇ او جو چُڻ هو ته واقعي ۾ 3 ڄڻا ساجد، عرفان ۽ عليم مارجي ويا جڏهن ته 4 زخمي سول ۽ جناح اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن شروعاتي جاچ مطابق مري ويل ساجد ڏوهاري قسم جو ماڻهو هو ۽ ڪيترين وارداتن ۾ پوليس کي گهربل هو باقي سمورا ماڻهو اتان جا رهواسي هئا جيڪي فائرنگ سبب زخمي ٿيا اورنگي ٽائون نمبر 4 شاهي آباد جي هڪ گهر ۾ فائرنگ سبب 45 سالا شخص سردار علي فوت جڏهن ته ان جو ناٺي 25 سالا فرمان علي زخمي ٿي پيو مارجي يول ۽ زخمي ٿيندڙ کي عباسي شهيد اسپتال پهچايو ويو پوليس مطابق مقتول سردار جي پٽ جوابدار حسن جو ڪنهن ڳالهه تان گهر ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن تي هن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ان جو والد مارجي ويو ۽ سندس ڀيڻيوو زخمي ٿي پيو جوابدار واقعي کانپوءِ فرار ٿي ويو زخمي جي حالت خطري کان ٻاهر آهي، رنڇوڙ لائن لک پتي چوڪ ويجهو ڇنڇر جي رات هٿياربندن جي فائرنگ سبب زخمي ٿيندڙ 28 سالا جنيد چوڌري ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات سول اسپتال ۾ علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، مقتول رنڇوڙ لائن جي ايم سي گرائونڊ ويجهو منصوري ڪمپائونڊ جو رهواسي هو ۽ ڪٻاڙي جو ڪم ڪندو هو، نارٿ ناظم آباد ڪٽي پهاڙي ويجهو فائرنگ سبب 30 سالا اشتياق محمد، لياقت آباد ايف سي ايريا ۾ 28 سالا حمزه، بلديه ٽائون نمبر 12 ۾ فائرنگ سبب 20 سالا عبدالواحد زخمي ٿي پيا رضويه جي علائقي ۾ جهيڙي دوران فائرنگ سبب 17 سالا عدنان، آصف ۽ 30 سالا شهزاد زخمي ٿي پيو جنهن کي طبي امداد لاءِ عباسي شهيد اسپتال پهچايو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *