ڪراچي ۾ رينجرز جي ڪارروائي، مقابلو، 4 گينگ وار مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي لياري ۾ رينجرز جي مبينا مقابلي دوران لياري گينگ وار جا 4 ڪارندا مارجي ويا. تفصيل موجب لياري جي علائقي محمد لين ۾ رينجرز اهلڪارن گينگ وار جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپو هنيو جتي اهلڪارن ۽ جوابدارن وچ ۾ دوبدو فائرنگ ٿي جنهن جي نتيجي ۾ 4 مبينا جوابدار مارجي ويا، مارجي ويل جوابدارن جو تعلق لياري گينگ وار جي گروهه سان آهي. مارجي ويل جوابدارن جي لاشن کي پوليس ڪاروائي لاءِ سول اسپتال پهچايو ويو. رينجرز ذريعن چيوآهي ته جوابدار فائرنگ، ڀتاخوري، اغوا براءِ تاوان جي وارڌاتن ۾ مبينا طور تي ملوث هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *