ڪراچي ۾ رينجرز جو آپريشن 7 دهشتگرد مارجي ويا، ٻارڙي بازياب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مومن آباد ۽ فقير ڪالوني ۾ رينجرز سان مقابلن دوران فائرنگ ۽ گهر اندر ڌماڪي جي نتيجي ۾ست  دهشتگرد مارجي ويا، واٽهڙو به گولين جو کاڄ بڻجي ويو، جڏهن ته هڪ جوابدار گرفتار ڪري هڪ ٻارڙي کي بازياب ڪرايو ويو رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته ڏوهارين جو تعلق پابندي پيل تنظيم سان هو. ڪراچي جي اورنگي ٽائون واري علائقي فقير ڪالوني ۾ رينجرز جي ڪارروائي دوران   هٿياربندن ۽ اهلڪارن وچ ۾ مقابلو ٿي پيو. ڪارروائي دوران ٻه دهشتگرد  فائرنگ ۾ مارجي ويا ۽ ٻن ڄڻن پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. ڌماڪي سبب گهر جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ عورت ۽ ٻارڙا زخمي ٿي پيا. ڪارروائي دوران رينجرز اهلڪارن هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو. ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر ڌماڪي واري هنڌ پهچي جائزو ورتو. بم ڊسپوزل اسڪواڊ موجب ڌماڪي واري هنڌ تان هينڊ گرنيڊ ۽ ٻيا هٿيار به هٿ آيا آهن. رينجرز ترجمان موجب فقير ڪالوني جي پريشان چوڪ ڀرسان هڪ گهر اندر دهشتگردن جي موجودگيءَ واري اطلاع تي ڇاپو هنيو. ترجمان موجب رينجرز جي ڇاپي دوران مقابلو ٿي پيو ۽ ٻن دهشتگردن گرفتاري کان بچڻ لاءِ گهر اندر  ڌماڪو ڪيو. رينجرز گرفتار دهشتگرد جي نشاندهي تي اورنگي ٽائون جي مومن آباد واري علائقي ۾ به ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران  فائرنگ جي ڏي وٺ دوران  هڪ واٽهڙو مارجي ويو، جنهن جي سڃاڻپ ڪامران جي نالي سان ٿي آهي. مقابلي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا جنهن بعد مارجي ويلن جو انگ وڌي ست ٿي ويو. شروعاتي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته دهشتگرد چئن مهينن کان ڪرائي جي گهر ۾ رهيل هئا جن گرفتاري کان بچڻ لاءِ ڌماڪو ڪيو. جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گهر ڌڻي آزاد ڪشمير سان واسطو رکي ٿو جنهن کان جاچ ۾ اڳڀرائي لاءِ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي. ڪارروائي کان پوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي رينجرز ترجمان برگيڊيئر خرم ٻڌايو ته دهشتگردن جو تعلق پابندي پيل تنظيم سان هو. رينجرز ترجمان چيو ته ڪارروائي دوران 6 مئي تي ڀنگ لاءِ اغوا ڪيل ٻارڙي کي باحفاظت بازياب ڪرايو ويو جڏهن ته وڏي تعداد۾راڪيٽ لانچر ۽ بارود هٿ ڪيو ويو. رينجرز ترجمان موجب، سموري ڪارروائي جو ڪريڊٽ قومي سلامتي جي ادارن ۽ عوام ڏانهن وڃي ٿو. سندس چوڻ هو ته معاملي جي جاچ هلي رهي آهي ان کان اڳ ڪجهه به نه ٿوچئي سگهجي. رينجرز ترجمان جو چوڻ هو ته ڏوهارين خلاف ڪارروائي جو سلسلو جاري رهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *