ڪراچي ۾ رياست جي رٽ بحال ڪئي پئي وڃي: خواجه آصف

اسلام آباد(بيورو) بچاءِ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته پاڪ فوج ۽ رينجرس ملڪي بقا جي جنگ وڙهي رهي آهي، ڪراچي ۾ رياست جي رٽ بحال ڪئي پئي وڃي. ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين جي بيان تي ردعمل ظاهر ڪندي خواجه آصف چيو ته ڪراچي ملڪ جي اقتصادي سرگرمين جو مرڪز آهي، ملڪي امن لاءِ ڪراچي ۾ امن ضروري آهي، ڪراچي کانسواءِ ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ مشڪل آهي. بچاءِ واري وزير چيو ته ڪراچي ۾ هر قيمت ۾ امن قائم ڪيو ويندو، ڪراچي کي امن دشمن کان بچايو ويندو، ڪراچي ۾ رياست جي رٽ بحال ڪئي پئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه ڏينهن پهرين ايم ڪيو ايم مارشل لا کي دعوت ڏئي رهي آهي، هاڻي ڪراچي ۾ قانون جي عملداري بحال ڪئي پئي وڃي ته ايم ڪيو ايم شڪايت ڪري رهي آهي….

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *