ڪراچي ۾ رتو ڇاڻ جاري، سياسي پارٽي جي ڪارڪنن سميت ۷ ڄڻا قتل

ڪراچي (اKarachi-Target-Killing-Claims-5-more-livesسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ فائرنگ ۽ پرتشدد واقعن ۾ سياسي پارٽي جي ڪارڪن سميت ۷ ڄڻا مارجي ويا. پوليس موجب ڪراچي جي علائقي سرجاڻي ٽائون سيڪٽر ۷ ڊي ۾ سياسي پارٽي جي دفتر تي فائرنگ سان ۳ ڄڻا مارجي ويا. سرجاڻي ٽائون سيڪٽر ۷ ڊي ۾ مذهبي سياسي پارٽي جي دفتر تي اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ سان ۳ ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جن کي فوري طور تي نجي اسپتال پهچايو ويو جتي علاج دوران هڪٻئي پٺيان ٽئي ڄڻا فوت ٿي ويا. هٿياربند واقعي واري هنڌتان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، قبول ٽائون ۾ شفيق موڙ تي فائرنگ سان هڪ ڄڻو مارجي ويو. پيرآباد سيڪٽر ۴ ۽ ڪلري نيازي چوڪ تي به فائرنگ جو واقعو پيش آيو جنهن جي نتيجي ۾ ۲ ڄڻا مارجي ويا جن جي سڃاڻپ رياض ۽ نيازي جي نالن سان ٿي. ان کان اڳ خميس جي صبح گلشن اقبال ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ سان ڪراچي يونيورسٽي جي اسلامڪ اسٽڊيز شعبي جو پروفيسر ڊاڪٽر محمد شڪيل اوج مارجي ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *