ڪراچي ۾ دهشتگردي ڪندڙ ملڪ دشمن آهن، انهن جو صفايو ڪنداسين: وزير اعظم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ڪراچي ۾ دهشتگردي ڪندڙ ملڪ دشمن آهن، انهن جو صفايو ڪنداسين، دهشتگرد عنصرن خلاف سخت ڪاروائي ٿيڻ گهرجي، ڪنهن سياسي ڪارڪن کي انتقامي ڪاروائي جو حصو نه بنايو وڃي، ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي قتل جي جوڊيشل انڪوائري ڪئي وڃي، حڪومت ماوراءِ عدالت قتل جي اجازت نٿي ڏئي سگهي، ڪارڪنن جي قتل ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي، ملڪ کي درپيش چئلينجن جو منهن سياسي اتحاد سان ڏينداسين، قوم جي خدمت ڪرڻ چاهيان ٿو، تمام صوبن لاءِ منهنجون خدمتون حاضر آهن، دهشتگردي جا ڪيس تحفظِ پاڪستان آرڊيننس تحت داخل ڪيا وڃن، دهشتگردن جي سرپرستن خلاف به آرڊيننس تحت ڪاروائي ڪئي وڃي، اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي گم ٿيل ڪارڪنن جي معاملي تي وزيراعظم سنڌ حڪومت کي ڪميٽي بنائڻ جي هدايت ڪئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪميٽي جي نگراني وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان ڪندو، وزيراعظم دهشتگرد عنصرن خلاف ڪاروائي وڌيڪ سخت ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته شهر جون روشنيون تباهه ڪندڙن جا ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلندا. جمعي ڏينهن وزيراعظم نواز شريف جي سربراهي ۾ گورنر هائوس ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال متعلق اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان، ناڻي وزير اسحاق ڊار، سنڌ گورنر عشرت العباد، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، سنڌ ڪابينا جي ميمبرن، رينجرز ڊي جي، آءِ جي پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن جا سربراهه شريڪ ٿيا، اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته ڪراچي مان دهشتگردن جو صفايو ڪري ڇڏينداسين، ڪراچي جي بهتري لاءِ پيپلزپارٽي ۽ متحده قومي موومينٽ هم آهنگي ضروري آهي، ڪراچي جا معاملا صوبائي سطح تي حل ٿيڻ گهرجن، سنڌ جو وڏو وزير ۽ گورنر ٻئي وڏين سياسي پارٽين ۾ سياسي اتحاد قائم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، ڪراچي جي بهتري لاءِ سياسي هم آهنگي برقرار رکي وڃي. وزيراعظم نواز شريف سنڌ گورنر جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته عشرت العباد سمورين پارٽين وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪيو آهي، سنڌ گورنر ايم ڪيو ايم جي معاملن تي هميشه آگاهه رکيو، ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي قتل جو معاملو سنگين آهي، ان حوالي سان انصاف جا تقاضا پورا ٿيڻ گهرجن، اهڙن واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي منظرعام تي آڻڻ اسان جو فرض آهي، گورنر هائوس ۾ مقتول ڪارڪنن جي گهروارن سان ملاقات ڪئي اهي بيحد ڏکايل آهن. وزيراعظم چيو ته جنهن معاشري ۾ انصاف نه هجي اهو معاشرو ڪڏهن به ڪامياب نٿو ٿي سگهي، ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال کي مثالي هئڻ گهرجي، ڪراچي ۾ امن قائم ڪرڻ بغير ملڪ ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي، نيشنل ايڪشن پلان تمام سياسي پارٽين جي مشاورت سان بڻيو، گورنر هائوس ۾ مشاورت سان ئي ڪراچي ۾ آپريشن جو فيصلو ٿيو، تمام سياسي پارٽين آپريشن جي تائيد ڪئي، آپريشن جا نتيجا تسلي بخش آهن، اسان چاهيون ٿا ته پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ان معاملي تي گڏجي هلن، گذريل ڏينهن جڏهن متحده حڪومت ۾ شامل ٿي ته اسان کي بيحد خوشي ٿي هئي، ملڪ کي درپيش چئلينجن جو منهن سياسي اتحاد سان ڏينداسين. وزيراعظم نواز شريف اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي قتل جي جوڊيشل انڪوائري ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، وزيراعظم چيو ته حڪومت ماوراءِ عدالت قتل جي اجازت نٿي ڏئي سگهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته دهشتگردي جا ڪيس تحفظِ پاڪستان آرڊيننس تحت داخل ڪيا وڃن، دهشتگردن جي سرپرستن خلاف به آرڊيننس تحت ڪاروائي ڪئي وڃي. اجلاس ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني، بريفنگ ۾ چيو ويو ته ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال پهرين کان بهتر آهي، پوليس ۽ رينجرز امن امان قائم ڪرڻ لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد شروع ڪري ڇڏيو، 4 ڪميٽيون بنائي قومي ايڪشن پلان تي ڪم تيز ڪري ڇڏيو آهي. فوجي عدالتن ۾ موڪليا ويندڙ ڪيسن لاءِ اسڪروٽني جو عمل شروع ٿي ويو آهي، دهشتگردي جا ڪيس جلد عدالتن ۾ موڪليا ويندا. ان کان پهريان سنڌ جي وڏي وزير ۽ گورنر وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات به ڪئي، ملاقات ۾ ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال تي ويچاريو ويو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *