ڪراچي ۾ دهشتگردي تيز، 24 ڪلاڪن دوران 5 پوليس اهلڪار شهيد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ هڪڀيرو ٻيهر پوليس دهشتگردن جي نشاني تي اچي وئي، هٿياربندن وڌيڪ ٻن اهلڪارن کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، رات کان شهيد ٿي ويل اهلڪارن جو انگ 5 ٿي ويو، مجاهد ڪالوني مان حساس ادارن ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو. ناظم آباد 3 نمبر ۾ نور امام بارگاهه ڀرسان موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن گشت ڪندڙ پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار غفور ۽ فاروق ٿڏي تي شهيد ٿي ويا. پوليس ٻنهي شهيد اهلڪارن جا مڙهه عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيا، پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي اهلڪارن کي موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن گشت دوران نشانو بڻايو.. هوڏانهن، لياري جي علائقي موسيٰ لين ۾ پوليس چوڪي تي موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا. شهيد پوليس اهلڪارن جا مڙهه اسپتال منتقل ڪيا ويا، جتي شهيد ٿيل ٻنهي اهلڪارن جي سڃاڻپ سعيد ۽ نياز نالي طور ٿي. ملير هالٽ واري علائقي ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٽرئفڪ پوليس اهلڪار ڏوڪري واسي جاويد جروار شهيد ٿي ويو. رات کان شهيد ٿي ويل اهلڪارن جو انگ وڌي 5 ٿي ويو. هوڏانهن، ناظم آباد جي مجاهد ڪالوني ۾ حساس ادارن ڪارروائي ڪري پابندي مڙهيل تنظيم جي ٻن دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جن وٽان وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ آيا آهن. . ياد رهي ته گذريل رات کان هينئر  تائين 4 پوليس اهلڪار مارجي چڪا آهن جڏهن ته هلندڙ مهيني دهشتگردن جو نشانو بڻجندڙ اهلڪارن جو تعداد 18 ٿي ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *