ڪراچي ۾ دهشتگردن جي ٻيهر واپسيءَ جا سمورا دڳ بند ڪرڻا پوندا: نواز شريف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ دهشتگردن جي ٻيهر واپسيءَ جا سمورا دڳ بند ڪرڻا پوندا وزيراعظم جي صدارت هيٺ سياسي ۽ عسڪري قيادت جي اجلاس دوران اتفاق، وزيراعظم چيو آهي ته ڪراچي جي امن تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي، ڪارڪردگي کي رڳو گرفتارين سان جاچڻ بدران اهو جائزو وٺڻ گهرجي ته گهربل هدف ڇو حاصل نه ٿيا، آءِ جي سنڌ اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ رينجرز ۽ ملٽري پوليس تي حملن جا جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن وزير اعظم نواز شريف ڪيسن جي پيروي ۽ ڪمزور جاچ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي، پنهنجي ڪارڪردگي کي رڳو گرفتاري سان نه جاچڻ گهرجي، ان ڳالهه جو جائزو وٺڻ گهرجي ته گهربل حدف ڇو ناهن حاصل ٿيا آهن. گورنر هائوس ڪراچي ۾ وزير اعظم جي صدارت هيٺ امن امان بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد، وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ ۽ ٻيا عملدار شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪراچي ۾ امن جي بحالي لاءِ بنا فرق جي آپريشن جاري آهي، جڏهن ته پوليس کي جديد هٿيار ۽ نادرا جي ڊيٽا تائين رسائي ڏني وڃي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت دهشتگردي جي انت واريون وڌيڪ 30 عدالتون قائم ڪري رهي آهي، ٽارگيٽڊ آپريشن ۾ رينجرز ۽ پوليس جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو ته نيول ملٽري پوليس تي حملي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *