ڪراچي ۾ داعش سان لاڳاپيل عورتن جو ٻيو ٽولو ظاهر، 121 عورتن جي لسٽ تيار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ داعش سان واسطو رکندڙ عورتن جي هڪ ٻيو ٽولو  ظاهر ٿي پيو  آهي، ميڊيا رپورٽ مطابق پنجاب مان پڪڙيل داعش جي ڪارڪن ڪماران گجر جاچ دوران ٻڌايو ته ڪراچي ۾ هن جي زال ۽ ڀيڻ داعش لاءِ رقم گڏ ڪنديون آهن، حساس اداري مطابق هو عورتن کي برين واش ڪرڻ ۾ مهارت رکندڙ آهن، جوابدار انڪشاف کانپوءِ حساس ادارن داعش سان واسطو رکندڙ 121 عورتن جي لسٽ تيار ڪري ورتي آهي، ان سلسلي ۾ مختلف  شهرن ۾ وڌيڪ عورتون گرفتار ڪرڻ جو امڪان آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته حساس ادارن داعش سان واسطو رکندڙ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني شهرين کي گرفتار ڪرڻ لاءِ انٽرپول سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *