ڪراچي ۾ حساس اداري جي آفيسر جي شهادت ۽ رشيد گوڊيل تي حملو امن خراب ڪرڻ جي سازش آهي: نثار کهڙو

ڪراچي (اي پي پي) سنڌ جي اطلاعات واري سينيئر وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته ڪراچيءَ ۾ حساس اداري جي آفيسر جي شهادت ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻ رشيد گوڊيل تي حملو سياسي ماحول ۽ شهر ۾ امن خراب ڪرڻ جي سازش آهي، جنهن سازش جو ڄمي مقابلو ڪيو ويندو ۽ اهڙن عنصرن کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ شهر ۾ هر صورت امن امان کي برقرار رکيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. نثار احمد کهڙو چيو ته ڪراچي شهر ۾ ڪنهن به صورت ۾ امن امان خراب ڪرڻ نه ڏنو ويندو ۽ دهشتگردن جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو. هن چيو ته ايم ڪيو ايم اڳواڻ رشيد گوڊيل تي حملي جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي ۽ سڀني رخن کان اعليٰ سطحي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا جلد واقعي جي جوابدارن تائين پهچي ويندا ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو. هن چيو ته صفوران سانحي جي جوابدارن کي گرفتار ڪري سگهون ٿا ته پوءِ هن واقعي جي جوابدران کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو. هن چيو ته رشيد گوڊيل جي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ دهشتگرديءَ ۾ ملوث عنصرن جي خلاف وڌيڪ منظم انداز ۾ ڪاروائيءَ جي ضرورت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *