ڪراچي ۾ جي ايس ٽِي ۽ پي ايس ٽي جي 1188 اين ٽي ايس پاس اميدوارن ۾ آرڊر ورهايا ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم واري سينيئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو جمعي ڏينهن اين جي وي اسڪول ۾ ڪراچي اندر نيشنل ٽيسٽنگ سروسز (اين ٽي ايس ) طرفان جونيئر اسڪول ٽيچر (جي ايس ٽي) ۽ پرائمري اسڪولٽيچر (پي ايس ٽي) جي امتحان ۾ ڪامياب ٿيل 1188 استادن ۾ آفر ۽ مقرري جا آرڊر ورهايا. ان موقعي تي منعقد ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي سينيئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو چيو ته اهي نوڪريون يونين ڪائونسل سطح تي ڏنيون پيون وڃن. نوڪريون ماڻيندڙ استاد پهرين مقرري واري هنڌ تان 3 سالن تائين بدلي نه ڪرائي سگهندا. هن چيو ته سمورا مقررين ۽ آفرز وارا ليٽر ميرٽ جي بنياد تي ڏنا پيا وڃن. هن نوڪريون ماڻيندڙ استادن کي مبارڪون پڻ ڏنيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *