ڪراچي ۾ جهوپڙين کي باهه، 100 جهوپڙا سڙي رک، 7 ٻار گم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي محمود آباد ۾ باهه لڳڻ سبب 100 کان وڌيڪ جهوپڙيون سڙي خاڪ ٿي ويون،جنهن کانپوءِ 6 کان 7 ٻارڙا گم آهن، رپورٽ مطابق محمود آباد جي جوڻيجو ٽائون ۾ موجود ڪکائين جهڳين کي اوچتو باهه وڪوڙي وئي، جنهن اک ڇنڀ ۾ سڀني جهڳين کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، تيز هوا وري ٻرندي تي تيل جو ڪم ڪيو ۽ سڀ جهڳيون سڙي خاڪ جي ڍيرن ۾ مٽجي ويون، باهه لڳڻ سبب متاثر ٿيل ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ هيٺ باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي پرسندن هر ڪوشش ناڪام ٿي وئي، اطلاع ملڻ تي فائر برگيڊ پهچي باهه تي ضابطو آندو پر ان دوران هر شيءِ سڙي خاڪ ٿي چڪي هئي، باهه لڳڻ سبب 5 ماڻهو سڙيِ زخمي پڻ ٿي پيا، جڏهن ته متاثرن مطابق  باهه لڳڻ کانپوءِ سندن 6 کان 7 ٻارڙا گم آهن، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ٻارڙن جي گم ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي چيف سيڪريٽري ۽ ڪراچي جي ڪمشنر کان رپورٽ گهرائي ورتي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *