ڪراچي ۾ جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم ڪيترائي سال اقتدار جا مزا ورتا: ترجمان سنڌ حڪومت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪراچي ۾ جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم ڪيترائي سال اقتدار جا مزا ورتا آهن. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ٻيا ماڻهو مڪاني چونڊن ڏانهن وڃي رهيا آهن ۽ اپوزيشن جماعتن نئون مسئلو پيدا ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ ۾ کين مڪاني چونڊن ۾ شڪست نظر اچي رهي آهي. هن چيو اپوزيشن جو ته مطالبو هو واٽر بورڊ جو چيئرمين ميئر هجي، 2001 جي مڪاني نظام ۾ ڇا 18 ٽائون نه هئا، مصطفيٰ ڪمال جي دور ۾ ضلعا هئا يا ٽائون هئا؟ سندس چوڻ هو ته جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم ڪيترائي سال اقتدار جا مزا ورتا، وسيم اختر 4 سالن تائين چوندو رهيو ته مون وٽ اختيار ناهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *