ڪراچي ۾ جلسو تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم جي ملي ڀڳت هئي: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) سڌسماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته ڪراچي ۾ جلسو تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم جي ملي ڀڳت هئي عمران خان قوم کي ٻڌائي ته قادري سان گڏجي جمهوريت کي ڊي ريل ڪرڻ جو پلان ڇو رٿيو، ڪوڙو الزام لڳائڻ لاءِ عمران خان کي ثبوت نه مائڪ جي ضرورت هوندي آهي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران خان شيخ رشيد کي هنج ۾ وٺي ڪهڙو نئون پاڪستان بنائڻ گهري ٿو گجرات جو چوڌري ۽ جهنگ جو قادري نئين پاڪستان جون ڀتيون ٺاهيندا يا ڪيترائيندا پرويز رشيد چيو ته عمران 14 مهينن دوران ڪي پي ڪي ۾ ڪهڙو انقلاب آندو آهي هن صرف انتشار جي سياست کي هٿي ڏني عمران قادري ملاقات ۾ انقلاب ۽ تبديلي لاءِ ڪهڙو روڊ ميپ تشڪيل ڏنو ويو ۽ ٻنهي جي ملاقاتن کي ميڊيا کان ڳجهو رکڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي عمران خان ۽ طاهرالقادري جي ملاقاتن سان تحريڪ انصاف مسلسل ڇو انڪار ڪري ٿي پرويز رشيد چيو ته ڪراچي ۾ جلسي کان اڳ ئي طئي ڪيو ويو هو ته اوهان اسان جي خلاف ڪجهه نه ڳالهائجو ۽ اسان اوهان جي خلاف ڪجهه نه ڳالهائينداسين آچر تي ٿيل جلسو تحريڪ انصاف ۽ متحده قومي موومينٽ جي وچ ۾ سوديبازي ۽ ملي ڀڳت هئي هن چيو ته عمران خان ڪهڙي منهن سان قانون جي حڪمراني جي ڳالهه ڪري ٿو جڏهن ته هو پاڻ بجلي جو بل ادا نه پيو ڪري ۽ سڄي قوم کي بغاوت تي ڀڙڪائي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *