ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ تيز هوائن سبب جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پرڏيهي ايئرلائنز جون 3 اڏامون لينڊ نه ڪري سگهيون آهن، سي اي اي جي ترجمان مطابق ايئرلائنز کي موسم جي حوالي سان هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، ڪراچي ايئرپورٽ تي ايندڙ 3 پرڏيهي اڏامون تيز هوائن سبب لينڊ نه ڪري سگهيون جنهن سبب انهن کي مختلف روٽس تي منتقل ڪيو ويو آهي، سي اي اي ترجمان مطابق عمان ايئر جي اڏام ڀارت جي شهر احمد آباد، ايران ايئر جي اڏام ايران جي شهر زاهدان جڏهن ته ايمريٽس ايئرلائن جي اڏام مسقط وئي آهي جڏهن ته ان ئي دوران سعودي ايئرلائن جي اڏام ڪراچي ايئرپورٽ تي لينڊن ڪئي آهي ترجمان مطابق ڪراچي ايئرپورٽ تي تيز هوائن سبب فلائيٽ آپريشن متاثر آهي، جنهن سبب ايئرلائنز کي موسم جي حوالي سان هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، هر پائليٽ پنهنجي جهاز جي لحاظ سان فيصلو ڪندو ته اهو لهي سگهي وٿ يا نه، ترجمان مطابق جهازن جي ٽيڪ آف ۾ ڪا مشڪلات ناهي جڏهن ته جهازن کي لينڊنگ جي وقت مشڪلاتون پيش اچي سگهن ٿيون، ڪراچي ايئرپورٽ ايندڙ 3 پرڏيهي ايئرلائن جون اڏامون تيز هوائن سبب لينڊ ناهن ڪري سگهيون.