ڪراچي ۾ تيز بارش باوجود جماعت اسلامي جو ”آزادي ڪشمير مارچ“، هزارين ماڻهن جي شرڪت، ٽرمپ جي ٽياڪڙي رد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ تيز مينهن باوجود جماعت اسلامي جي آزاد ڪشمير مارچ ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. جماعت اسلامي طرفان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن خلاف ۽ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ شاهراهه فيصل تي ”آزادي ڪشمير مارچ“ ڪيو ويو. مارچ دوران تيز برسات شروع ٿي وئي پر ان باوجود هزارين ماڻهو موجود رهيا، جن ۾ عورتون توڙي ٻارن جو وڏو انگ هو. مارچ کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو ته برسات باوجود ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن جي جذبي سان موجودگي ڪشميرين کي حوصلو ڏنو آهي، 5 آگسٽ تي ڀارتي حڪومت والاريل ڪشمير کي يونين جو حصو بڻايو، ڀارت ۾ موجود 22 ڪروڙ مسلمانن جو ڪيس به اسان وڙهي رهيا آهيون، ڀارت مسلمانن کي پيغام ڏنو ته آر ايس ايس مسجدن جي جاءِ تي مندر ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي، ڀارت ٽڪرا ٽڪرا ٿيندو. هن چيو ته اسان جي ويڙهه والاريل ڪشمير جي آزادي لاءِ آهي، قوم کان پڇان ٿو ته ٽرمپ جي ٽياڪڙي قبول آهي؟ ٽرمپ جي ٽياڪڙي بابت اسان کي اڳ ئي خبر آهي، هو هڪ هفتي ۾ 50 ڀيرا يوٽرن وٺندو آهي ۽ ڪوڙ ڳالهائيندو آهي. سندس چوڻ هو ته اسان جي فوج دنيا جي بهترين فوجن مان هڪ آهي، ڪشميري جيڪڏهن هاڻ آزادي جي جنگ وڙهن ٿا ته اهو انهن جو قانوني حق آهي. سراج الحق حڪومت کان مطالبو ڪيو ته شملا معاهدي جو خاتمو، بارڊر ۽ ايل او سي تي لڳايل ڪنڊي دار تار ختم ڪئي وڃي. جماعت اسلامي جي امير چيو ته حڪومت جي ڪارڪردگي جهڙي هجڻ گهرجي ها اهڙي ناهي، هاڻ فيس بُڪ تي جهاد نه هلندو پر عالمي طور اڳتي وڌڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *