ڪراچي ۾ بي رحم ڊمپر هڪ ئي ڪٽنب جي 5 ڀاتين جي حياتين جا ڏيئا اجهائي ڇڏيا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ بي رحم ڊمپر ڊرائيور هڪ ئي ڪٽنب جي 5 ڀاتين کي چيڀاٽي حياتين جا ڏيئا اجهائي ڇڏيا، جن ۾ ٻه معصوم ٻارڙا به شامل آهن، ميڊِيا رپورٽن  مطابق ڪراچي جي علائقي بلديا ٽائون نمبر 2 ويجهو تيز رفتار ڊمپر سامهون ويندڙ موٽرسائيڪل کي زوردار ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ماڻهو ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا، خبر پوڻ تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي وئي، جنهن کانپوءِ فوتين جا لاش کڻائي سول اسپتال نيا ويا، جڏهن ته ڊمپر ڊرائيور ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، پوليس مطابق حادثي جي نتيجي ۾ فوت ٿيلن ۾ 30 ورهين جو محمد نذير، 15 ورهين جي سڪينا، 10 ورهين جي افضا، 25 ورهين جو رضوان ۽ ٻن ورهين جي دعا شامل آهن، پوليس ٻڌايو ته حادثي جو شڪار ٿيل ماڻهو شادي جي تقريب مان واپس اچي رهيا هئا، سندن لاش ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارث کڻائي ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *