ڪراچي ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي، روڍ رستا ٻڌي ويا، پاڻي گهرن ۾ داخل، 13 فوت

ڪراچي(م.ڊ) تازي برسات رين ايمرجنسي جا پول کولي ڇڏيا،ايمرجنسي سينٽر ۾ عملو غائب رهيو، برسات جي پاڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ، سنڌ اسيمبلي، سنڌ سيڪريٽريٽ سميت ڪيترن ئي علائين کي ٻوڙي ڇڏيو، روڊن تي ٽريفڪ بدترين جام، گاڏيون پاڻي ۾ ڦاسي پيون، ماڻهو ڊيوٽين تي پهچي نه سگهيا، تعليمي ادارا پڻ ويران رهيا، بلدياتي عملي سميت سنڌ سرڪار جو ڪو به نمائندو نه نڪتو، عوام سخت پريشاني کي منهن ڏيڻ لڳو، هوڏانهن وري ڪي اليڪٽرڪ جا ڪيترائي فيڊر ٽرپ ڪري وڃڻ سبب اڌ شهر اونداهي ۾ ٻڌي ويو، ڪراچي جي نارٿ ناظم آباد، گلشن حديد، گلشن اقبال، ڪلفٽن ۽ ملير سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات جو سلسلو جاري آهي، ڪرنٽ لڳڻ سميت مختلف حادثن ۾ 13 ڄڻا فوت ٿي ويا، شهر جي مُک روڊن رستن تي پاڻي بيهي ويو آهي.. ڪراچي جي نارٿ ناظم آباد، گلشن حديد، گلشن اقبال، ڪفلٽن، لانڌي، سلطان آباد ۽ ملير سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي.. ڪرنٽ لڳڻ سميت مختلف حادثن ۾ 13 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.. شهر جي مُک روڊن، سنڌ اسيمبلي، سيڪريٽريٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي احاطي ۾ برساتي پاڻي داخل ٿي ويو آهي.. شهر ۾ بجلي جا 80 فيڊر ٽرپ ٿيڻ سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي.. نارٿ ڪراچي ۾ 130، ناظم آباد 122، مسرور ڳوٺ ۾ 74 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، فيصل بيس ۾ 34، صدر 40، جناح ايئرپورٽ تي 24 ۽ گلشن حديد ۾ 16 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.. برسات سبب مال پڙين ۾ جانور کڻي آيل مالوند به پريشان آهن، ڍورن ۾ بيماريون پکڙجڻ جو خدشو به وڌي ويو آهي.. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ عيد ڏهاڙي به برسات جو امڪان آهي…. هوڏانهن برساتن سبب خانگي ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ سڀاڻي بدران هڪ ڏينهن اڳ ئي اڄ کان ئي موڪلن جو اعلان ڪيو ويو. سنڌ ۾ طوفاني برسات جو سلسلو جاري آهي، حيدرآباد، ڄامشورو، ميرپورخاص، ٺٽو، سانگهڙ، مٺي، عمرڪوٽ، بدين، ٽنڊوالهيار، نوابشاهه، دادو ۽ سکر سميت ٻين شهرن ۾ وقفي وقفي سان برسات پئي آهي، هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بهيجي ويو، بجلي جي فراهمي پڻ معطل ٿي وئي آهي.. حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي، حيدر چوڪ، صدر، پريٽ آباد، قدم گاهه مولا علي روڊ، هالي روڊ، ڦليلي، قاسم آباد، شيدي ڳوٺ، وحدت ڪالوني، جي او آر ڪالوني، لطيف آباد، حسين آباد ۽ لطيف آباد سميت شهر جي هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو آهي.. ڄامشورو، ميرپورخاص، ٺٽو، سانگهڙ، مٺي، عمرڪوٽ، بدين، ٽنڊوالهيار، نوابشاهه، دادو ۽ سکر سميت ٻين شهرن ۾ وقفي وقفي سان برسات پئي آهي، هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي بهيجي ويو، بجلي جي فراهمي به معطل ٿي وئي آهي. مورو، مٺياڻي، شهدادپور، چمبڙ، شاهپور جهانيان، ڪنڊيارو، پنگريو، ڪڍڻ، ملڪاڻي شريف، مسڻ وڏي، گلاب لغاري، سرهاڙي، بوزدار وڏا، چڪ، کهڙا، اوٻاوڙو ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي.. موسميات کاتي سنڌ ۾ برسات جو سلسلو سڀاڻي تائين جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.. سنڌ ۾ امڪاني طوفاني برساتن سبب رين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، پر ان باوجود حيدرآباد سميت مختلف شهرن ۾ نالن جي صفائي ناهي ڪئي وئي، جنهن سبب برسات ۾ صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي……………

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *