ڪراچي ۾ بدامني جي واقعن ۾ غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهي رهواسي به ملوث آهن: رينجرز ترجمان

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان رينجرز سنڌ چيو آهي ته ڪراچي ۾ بدامني جي واقعن ۾ غير قانوني طور تي رهندڙ پرڏيهي رهواسي به ملوث آهن ترجمان رينجرز پاران جاري ڪيل پڌرنامي مطابق رينجرز ڪراچي ۾ بدامني ۾ ملوث پرڏيهي رهواسين جي خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي هن چيو ته رينجرز اهڙن امن دشمنن کي چٿڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي رينجرز عوام کي گذارش ڪئي ته اهو پنهنجي ڀرپاسي ۾ غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهي رهواسين جو اطلاع ويجهي رينجرز پوسٽ، رينجرز هيلپ لائين 1101 تي ڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *