ڪراچي ۾ اڌ ڪلاڪ دوران فائرنگ ۽ ٻين پُرتشدد واقعن ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اڌ ڪلاڪ دوران فائرنگ ۽ ٻين پُرتشدد واقعن ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا. پوليس موجب گلبهار جي خاموش ڪالوني ۾ موٽر سائيڪل تي سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري هڪ شخص کي قتل ڪري ڇڏيو. اورنگي ٽائون جي ايم پي آر ڪالوني ۾ فائرنگ سان 2 ڄڻا مارجي ويا. گلستان جوهر جي بلاڪ 2 1 ۾ هڪ گهر مان هڪ شخص جو لاش مليو آهي، جنهن جي ڳچي تي ڇري ڦيري وئي آهي، ان کان علاوه ان جي هٿن جون نسون به ڪٽيل آهن.يسڪيو رضاڪارن تمام لاشن کي ويجهي اسپتال پهچائي ڇڏيو آهي. ياد رهي ته گذريل هڪ سال کان ڪراچي ۾ پوليس ۽ رينجرز جو ٽارگيٽ ڪلرز ۽ ٻين ڏوهه پيشا ماڻهن خلاف آپريشن جاري آهي پرپوءِ سرعام ڏينهن ڏٺي ماڻهن جو عام قتل اڃا به جاري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *