ڪراچي ۾ اڃان به پابندي مڙهيل تنظيمن جا سليپر سيل ڪم ڪري رهيا آهن: مشتاق مهر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي آپريشن کي 2 سال مڪمل ٿيڻ تي پوليس ۽ رينجرز عملدارن دعويٰ ڪئي آهي ته آپريشن کانپوءِ ڪراچي ۾ ڏوهن ۾ 60 کان 70 سيڪڙو ۽ ٻهراڙي وارن علائقن 95 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، اي آءِ جي مشتاق مهر  چيو آهي ته هاءِ پروفائيل ڪيس فوجي عدالتن ڏانهن موڪليا ويندا ۽ پوليس جي هڪ هزار اهلڪارن کي بليڪ لسٽ ڪيو ويو آهي. ڪراچي آپريشن کي 2 سال مڪمل ٿيڻ تي ڪراچي ۾ منعقد ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي اي آءِ جي مشتاق مهر چيو ته ڪراچي ۾ آپريشن دوران 343 ڀتي خورن، 550 ٽارگيٽ ڪلرز ۽ 913 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ گرفتار ٿيل جوابدارن وٽان 15 هزار 400غير قانوني هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن. هن چيو ته  آپريشن ۾ پوليس جي 232آفيسرن ۽ جوانن پنهنجون قربانيون ڏنيون آهن، ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀته خوري جي واقعن ۾ 60 کان 70 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته هاءِ پروفائيل ڪيس فوجي عدالتن ڏانهن موڪليا ويندا ۽ حڪومت کي اي ٽي سي جو انگ وڌائڻ لاءِ درخواست ڏني آهي. مشتاق مهر  چيو ته سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڏوهن ۾ 95 سيڪڙو گهٽتائي  آئي آهي پر دهشتگردن جي سليپر سيلز کي اڃا ختم ڪرڻو آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ موبائل فون جي ڦر وارن واقعن کي روڪڻ چئلنج آهي ۽ شهر ۾ 34 کان 35 هنڌن تي اهڙا واقعا ٿين ٿا. اي آءِ جي مشتاق مهر چيو ته پوليس ۾ احتساب وارو عمل شروع ڪيو ويو آهي ۽ هيل تائين هڪ هزار اهلڪارن کي بليڪ لسٽ ڪيو ويو آهي.  رينجرز جي ڪرنل امجد جو چوڻ  هو ته شهرين جي جان جي حفاظت لاءِ آپريشن اڻٽر هو  ۽ آپريشن کانپوءِ وڏيون ڪاميابيون مليون آهن. ڪرنل امجد چيو ته ڪراچي ۾ 2013 ۾ 2700 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو ۽ قومي اثاثن کي نقصان کان بچائڻ لاءِ آپريشن ضروري هو. رينجرز جي ڪرنل چيو ته آپريشن دوران پابندي مڙهيل تنظيمن ۽ سياسي پارٽين جي هٿياربند ونگز خلاف به ڪارروائي ڪئي وئي آهي. رينجرز جي ڪرنل چيو ته ڪراچي آپريشن جا سٺا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن ۽ ڪراچي جا شهري آپريشن جاري رکڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن. واپاري اڳواڻ سراج قاسم تيلي چيو ته ڪراچي شهر بابت  سندس 50 سالن جو تجربو آهي ، سياسي بنيادن تي آپريشن شروع ۽ ختم ٿيندا رهيا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن ته ڪراچي آپريشن بند ڪيو ويو ته حالتون اڳ کان به وڌيڪ خراب ۽ خونريزي ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *