ڪراچي ۾ ايڌي هوم ۾ 5 ڪروڙ ڪيش ۽ 5 ڪلو سون جو ڌاڙو، ايس ايڇ او کارا در معطل، اويس مظفر جي ستار ايڌي سان ملاقات، تعاون جي خاطري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ هٿياربندن مشهور سماجي ڪارڪن عبدالستار ايڌي ۽ ٻين ماڻهن کي يرغمال بڻائي ميٺا در واري علائقي مان ايڌي سينٽر جي لاڪرن ۾ امانت طور پيل ڪروڙين روپيا ۽ سون ڦري فرار ٿي ويا، عبدالستار ايڌي جو چوڻ آهي ته ڌاڙيل سندس سينٽر مان ڪروڙين روپين جي پرڏيهي ڪرنسي ۽ ٻيون امانتون کڻي ويا، انهن ۾ لکين آمريڪي ڊالر به شامل آهن، هن ٻڌايو ته ڦورن مان هڪ جي منهن تي ڪپڙو ويڙهيل هو ۽ اهو لڳاتار ڪنهن ٻئي شخص سان ڳالهائي هدايتون وٺي رهيو هو هن وڌيڪ ٻڌايو ته جنهن وقت ڦورو اندر گهڙيا ان وقت اهو اندر ستو پيو هو ڦورن کانئس چاٻيون گهريون پر ساڻس ڪابه بدتميزي نه ڪئي هن ٻڌايو ته ڦورو جيڪو سون ۽ پئسا کڻي ويا ان مان ڪيتريون ئي پرايون امانتون هيون جيڪي واپس ڪرڻيون هيون، هن چيو ته آئون گذريل 50 سالن کان فلاحي ڪمن ۾ رڌل آهيان ۽ اڄ تائين مون سان اهڙو ڪو وڏو واقعو نه ٿيو آهي، پوليس ميٺا در ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري جاچ ڪري رهي آهي، پر ايڌي سينٽر ۾ سي سي ٽي وي ڪئميرائون نه هجڻ ڪري ڌاڙيلن جي هلين بابت اکين ڏٺن شاهدن کان پڇا ڳاڇا ڪري جاچ ڪئي پئي وڃي ياد رهي ته عبدالستار ايڌي هن وقت ايڌي سينٽر ۾ رهيل آهي ۽ ڪافي بيمار آهي. بئي طرف پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خاص هدايت تي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سيد اويس مظفر آچر تي ميٺادر ۾ ايڌي فائونڊيشن جي هيڊ آفيس ۾ عبدالستار ايڌي ۽ ان جي پٽ فيصل ايڌي سان ملاقات ڪئي ان موقعي تي فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ اڳوڻو قومي اسيمبلي ميمبر انور خان به ان سان گڏ موجود هو سيد اويس مظفر عبدالستار ايڌي جي عيادت ڪئي ۽ ڌاڙي جو تفصيل ورتو ان کان پو3 ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد اويس مظفر چيو ته انسانيت جي خدمت ڪندڙ عبدالستار ايڌي کي لٽيندڙ انسان چورائڻ جي لائق نه آهن عبدالستار ايڌي سڄي دنيا ۾ انسانيت جي خدمت جي حوالي سان مشهور آهي پاڪستان ۾ جيتريون سماجي خدمتون هن ڪيون آهن پوري قوم ان جي خدمتن تي کيس خراج تحسين پيش ڪري ٿي هن چيو ته هن واقعي سان مون کي دلي صدمو پهتو آهي ۽ پيپلزپارٽي جي اعليٰ قيادت به هن واقعي جو سختي سان نوٽيس ورتو آهي هن چيو ته هن واقعي ۾ ملوث جوابدارن جو تعلق ڪنهن به گروپ يا تنظيم سان هجي کين ڪنهن به صورت ڇڏيو نه ويندو هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت کي هنواقعي جي جاچ لاءِ هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ان موقعي تي سيد اويس مظفر عبدالستار ايڌي کي پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي عبدالستار ايڌي اويس مظفر جي آمد تي ان جو شڪريو ادا ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *