ڪراچي ۾ امن جي بحالي جو ڪريڊٽ آرمي چيف ڏانهن وڃي ٿو، اين او سي بنا ڪو به مدرسو کولڻ نه ڏنو ويندو:سهيل سيال

لاڙڪاڻو(اي پي پي) گهرو وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته ڪراچي ۾ امن امان قائم ڪرائڻ جو ڪريڊٽ آرمي چيف ڏانهن وڃي ٿو، آپريشن ضرب عضب ۾ پاڪ فوج، رينجرس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، سنڌ پوليس سميت آرمي چيف جنرل راحيل شريف جو وڏو ڪردار آهي. سنڌ اندر جيڪب آباد ۾ پيش آيل دهشتگردي واري واقعي ۾ ملوث دهشتگرد بلوچستان جي مستونگ شهر مان آيا هئا ان جي روڪٿام لاءِ بارڊر فورس کي بحال ڪيو ويو آهي ته جيئن دهشتگرد ٻين صوبن مان سنڌ اندر داخل نه ٿي سگهن. اهڙو اظهار ڪالهه ڊي آءِ جي آفيس ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي عمل درآمد ڪرائڻ ۽ شڪارپور آپريشن جي حوالي سان ڪوٺايل اعليٰ سطحي اجلاس کان بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي آپريشن سڀني اسٽيڪ هولڊرس جي رضامندي سان شروع ڪيو ويو جنهن ۾ پاڪ فوج، رينجرس ۽ پوليس ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته اِهو تاثر غلط آهي ته سنڌ حڪومت ڪراچي آپريشن جي خلاف آهي ۽ آپريشن بند ڪيو وڃي، اسان جي پارٽي سڀ کان وڌيڪ دهشتگردن جي خلاف آهي جنهن لاءِ اسان جي پارٽي قائد شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي دهشتگردن شهيد ڪيو آهي دهشتگردن خلاف پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ اسان جو موقف ساڳيو ئي آهي ۽ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين ڪراچي آپريشن جاري رهندو. هن چيو ته ڪجهه ضلعن سان ٻين صوبن جا بارڊر وڏي ايراضي تي مشتمل آهن جنهن لاءِ اسين ڪمشور ڪنڌڪوٽ ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن جي حد ۾ بارڊر فورس مقرر ڪري رهيا آهيون ته جيئن ٻين صوبن مان دهشتگرد سنڌ ۾ داخل ٿي نه سگهن. هن چيو ته جن پوليس اهلڪارن جون پگهارون رهيل آهن انهن کي هن ئي مهيني ادا ڪيون وينديون. فضيلا سرڪي بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ گهرو وزير چيو ته فضيلا سرڪي جي بازيابيءَ لاءِ آپريشن جاري آهي جنهن ڪيس ۾ 7 جوابدار نامزد هئا ان ۾ هڪ ٻڍو سرڪي 2004 ۾ فوت ٿي چڪو آهي ۽ ٻيا جوابدار گرفتار ٿيا آهن جڏهن ته پوليس ان معاملي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهي ۽ تمام جلد فضيلا سرڪي کي بازياب ڪرايو ويندو. هن چيو ته ڪراچي جي لياري ۾ اسان جو وڏو ووٽ بئنڪ آهي پر هن وقت لياري ۾ سڀ کان وڌيڪ آپريشن لياري ۾ ٿيا پر سنڌ حڪومت يا پ پ پ ڪنهن به ڏوهاري کي ڇڏائڻ لاءِ رينجرس توڙي پوليس وٽ نه وئي آهي ۽ ڪراچي آپريشن پنهنجي منتقي انجام تائين پهچندو. هن چيو ته سنڌ اندر جن ٿاڻن جي حالت زبون آهي ان لاءِ سنڌ حڪومت کي لکنداسين ته جيئن انهن ٿاڻن جي مرمت سميت نئين سر تعمير ٿي سگهي ۽ اُهي ٿاڻا بهتر انداز ۾ ڪم ڪري سگهن. هن چيو ته هن وقت سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن قمبر شهدادڪوٽ، ڪشمور ڪنڌڪوٽ، مٽياري، ٽنڊوالهيار، ٽنڊو محمد خان ۽ ٻين ضلعن ۾ پوليس هيڊڪوارٽر نه آهن اتي پوليس هيڊڪواٽر قائم ڪيا ويندا. هن چيو ته سنڌ اندر 7 هزار کان وڌيڪ مدرسا رجسٽرڊ ٿيل آهن ان حوالي سان صوبي جي مڙني ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ايس ايس پيز کي سخت هدايتون ڏنيون ويون آهن ته جيڪڏهن ڪٿي مدرسو ٺهي ٿو ته ان جي مڪمل طور تي جاچ ڪئي وڃي ۽ گهرو کاتي جي اين او سي کانسواءِ ڪو به مدرسو کولڻ نه ڏنو ويندو. هن چيو ته امن امان جي صورتحال خراب ٿيڻ جي خدشي سبب ڪٿي شڪ پيو ته ان مدرسي کي سيل ڪيو ويندو. هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي  سڀ کان وڌيڪ ڪم سنڌ ۾ ٿيو آهي. هن چيو ته شڪارپور جي ڪچي وارن علائقن ۾ پوليس ٿاڻا ۽ پڪٽون قائم ڪيون ويون آهن ۽ ماضي ۾ اتي اهي ٿاڻا ۽ پوليس پڪٽون نه هيون جتي هينئر ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين خلاف ڪاروايون جاري آهن. ان موقعي تي آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي بريفنگ ڏيندي چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته سنڌ ۾ مثالي امن قائم ڪرايون ڪراچي، حيدرآباد، سکر لاڙڪاڻو، سميت سموري سنڌ اندر دهشتگرد توڙي ڏوهارين خلاف پوليس ۽ رينجرس جو آپريشن جاري آهي جنهن ۾ ڪافي حد تائين ڪاميابي ملي آهي جڏهن ته ڪراچي ۾ هزارين ٽارگيٽ ڪلرن سميت مختلف ڏوهن ۾ ملوث ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ ڊي آءِ جي آفيس ۾ صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال جي صدارت هيٺ نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني سان عمل درآمد ۽ شڪارپور آپريشن بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. جنهن ۾ آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي، اي آءِ جي فنانس سلطان خواجا، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عبدالله شيخ، ڊي آءِ جي سکر اظهر رشيد، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڪامران نواز، ايس ايس پي خيرپور پيرمحمد شاهه، ايس ايس پي شڪارپور ناصر آفتاب پٺاڻ، ايس ايس پي جيڪب آباد ساجد کوکر، ايس ايس پي سکر تنوير تنيو، ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ عمر طفيل، ايس ايس پي گهوٽڪي ثاقب سلطان، ايس پي مسعود احمد بنگش سميت سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي پوليس عملدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *