ڪراچي: ڪورنگي جي گدام مان 7 لاش هٿ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي الله والا ٽائون ۾ هڪ گدام مان ڪيميڪل جي ڊرم مان 7 ڄڻن جا لاش مليا آهن، جن مان 5 جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي. ذريعن موجب ڪيميلڪ جي ڊرم ۾ 7 لاش ملڻ جو اطلاع گدام انتظاميا کي ڏنو ويو، جنهن کانپوءِ ريسڪيو ٽيمون پهچي ويون، جن 7 ئي لاش ڊرم مان ٻاهر ڪڍي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، هٿ آيل لاشن مان 5 جي سڃاڻپ سهيل، نواز، عمران، عدنان ۽ مهتاب جي نالن سان ٿي آهي. پولييس جا وڏا اٽالا به اطلاع ملڻ تي گدام  پهچي ويا، جتي سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪندي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. اها خبر ناهي پئجي سگهي ته اهي لاش گدام ۾ ڪيميڪل جي ڊرم تائين ڪيئن پهتا ۽ مارجي ويلن جو تعلق ڪهڙي علائقي سان آهي، اها به جاچ ڪئي پئي وڃي ت اهو حادثو آهي يا وري انهن ماڻهن کي قتل ڪري لاش ڊرم ۾ لڪايا ويا .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *