ڪراچي کي دهشتگردي کان پاڪ ڪرڻ لاءِ آخري حد تائين وينداسين: آرمي چيف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪ فوج جي عام رابطن واري شعبي آئي ايس پي آر مطابق ڪورهيڊ ڪواٽرز ڪراچي ۾ پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف جي صدارت هيٺ امن امان بابت اجلاس ٿيو،جنهن ۾ ڊي جي آئي ايس آئي ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر،ڪورڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نويد مختيار،ڊي جي آيم آئي،ڊي جي رينجرز سنڌ ۽ ٻيون اعليٰ اختياريون شامل هيون.5 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت هلندڙ هن اجلاس ۾ امن امان جي صورتحال ۽ ڪراچي آپريشن جو جائزو ورتو ويو.جڏهن ته اختيارين ڪراچي ۾ ڳجهي ڄاڻ تي ٻڌل آپريشن بابت آرمي چيف کي وضاحت به ڏني. اجلاس جي دوران جنرل راحيل شريف نمايان ڪاميابيون ماڻڻ تي ڳجهن ادارن جي واکاڻ ڪندي چيو ته ڪراچي جي عوام جي روز مرهه جي زندگي کي بنا ڊپ جي ۽ پرامن بڻايو وڃي.ڪراچي کي امن امان جي  حوالي سان تحفظ جي پڪ ڏيون ٿا،جنرل راحيل شريف حڪم ڏنو ته ڪراچي ۾ دهشتگردن جي نيٽ ورڪن کي تباهه ڪندي شهر کان ٻاهر انهن جي ٿاڪن ۽ رابطن کي ختم ڪيو وڃي ۽ڪراچي کي دهشگردي کان پاڪ ڪرڻ لاءِ آخري حد تائين وينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *