ڪراچي ڊويزن ۾ 3 ڏينهن لاءِ ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو، دهشتگردن جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن: ٿيٻو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي گهرو کاتي ڪراچي ڊويزن ۾ 3 ڏينهن لاءِ ٻيلهه سواري تي پابندي هڻي ڇڏي آهي جنهن تي عمل سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات کان ٿيندو، سنڌ حڪومت گهرو کاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، پابندي کان پوڙها، ٻارڙا، عورتون، صحافي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار آجا هوندا، نوٽيفڪيشن مطابق پابندي تي عمل سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات 12 وڳي کان 23 جنوري جي رات 12 وڳي تائين ٿيندو، ان ڏس ۾ سيڪريٽري گهرو کاتو سنڌ حڪومت عبدالرحيم سومرو چيو آهي ته پابندي امن امان جي صورتحال ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جي ڏوهن تي وڌڻ سبب هنئين وئي آهي، واضح رهي ته سومر تي اورنگي ٽائون جي علائقي يوسي نمبر 6 بنارس ۾ پوليو ٽيم تي حملي جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار جي قتل تي ايڊيشنل آءِ جي غلام قادر ٿيٻو جي سفارش تي عائد ڪئي وئي آهي. سٽي پوليس چيف غلام قادر ٿيٻو چيو آهي ته پوليس تي حملا پوليس جو مورال ڪيرائڻ جي ڪوشش آهي جڏهن ته دهشتگردن هٿان پوليس بليڪ ميل نه ٿيندي هن چيو ته ڪراچي ۾ دهشتگردن جا ڌينهن ڳڻجي چڪا آهن تفصيل مطابق غلام قادر ٿيٻو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آپريشن ضرب عضب ۽ ڦاهي جي سزائن جي ڪري دهشتگرد گٻراهٽ جو شڪار آهن مسلسل ڇاپن ۽ گرفتاري سان دهشتگردن جي چيلهه چٻي ٿي چڪي آهي ڪراچي پوليس جي سربراهه جو چوڻ آهي ته پوليس منگهوپير ملير ۽ ڪنواري ڪالوني سميت ٻين علائقن ۾ دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه ڪري ڇڏيا آهن هاڻي دهشتگرد ان قابل نه آهي جو ڪا وڏي ڪارروائي ڪري سگهن پر هو پوليس کي اڪيلو ڏسي انهن تي حملو ڪن ٿا سٽي پوليس چيف جو چوڻ آهي ته پوليس تي حملن کان پوءِ ڪراچي پوليس به پنهنجي حڪمت عملي تبديل ڪري ڇڏي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *