ڪراچي: پ پ جي پارلياماني بورڊ جو اجلاس، سينيٽ اميدوارن جا انٽرويو ورتا ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سينيٽ چونڊن لاءِ پاڪستان پيپلزپارٽي پنهنجي لائحه عمل کي اڄ آخري شڪل ڏئي رهي آهي. پيپلزپارٽي پارليماني بورڊ اڄ خيبرپختونخواهه، پنجاب ۽ بلوچستان جي معاملن کي ڏسندي جڏهن ته ايم ڪيو ايم سيمت ٻين جماعتن سان رابطا به جاري آهن. آصف علي زرداري جي صدارت ۾ پيپلزپارٽي پارليماني بورڊ جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي. اسلام آباد، خيبرپختونخواهه، پنجاب ۽ بلوچستان جي سينيٽ چونڊن جي اميدوارن جا انٽرويوز ورتا پيا وڃن. پيپلزپارٽي پنجاب جو صدر منظور وٽو، ڪي پي ڪي جو پارٽي صدر خانزاده خان ۽ بلوچستان پيپلزپارتي جو صدر صادق عمراڻي به بلاول هائوس ۾ موجود آهن. ٻئي پاسي رحمان ملڪ سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد خان ۽ سنڌ جي وڏي وزير سان رابطاو ڪري ڳالهين ۾ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *