ڪراچي: پوليو ٽيم تي حملو، دهشتگردن 7 خاندان اجاڙي ڇڏيا

ڪراچي(اي پي پي)  اورنگي ٽائون جي علائقي بنگله بازار ۾  پوليو رضاڪارن جي حفاظت لاءِ مقرر پوليس اهلڪارن تي فائرنگ ۾ 7 اهلڪار شهيد ٿي ويا. تفصيل مطابق اربع تي اورنگي ٽائون پاڪستان بازار ٿاڻي جي حد بنگله بازار ۾ پوليو رضاڪارن جي حفاظت تي مقرر اهلڪارن تي اڻ ڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 7 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا. لاشن کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ايس ايچ او پاڪستان بازار ٿاڻي  سب انسپيڪٽر سرفراز مطابق فائرنگ جا 2 واقعا پيش آيا، پهرين واقعي ۾ اورنگي ٽائون ۾ پوليو مهم دوران پوليو جي ٽيم جي حفاظت تي مقرر پوليس موبائل تي اڻ ڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري 4 پوليس اهلڪارن کي شهيد ڪري ڇڏيو جڏهن ته ٻئي واقعي ۾ بنگله بازار ۾ پيادل اهلڪارن تي اڻڄاتل هٿياربند ماڻهن فائرنگ ڪري 3 اهلڪارن کي شهيد ڪري ڇڏيو. واقعي بعد شهيد اهلڪارن جي لاشن کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته پوليس موقعي تي پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.ٻئي طرف سنڌ جي انسپيڪٽر جنرل پوليس اي ڊي خواجه ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ اربع ڏينهن دهشتگردن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿيل 7 پوليس اهلڪارن جي وارثن لاءِ 20 – 20 لک معاوضي ۽ سندن ڪٽنب جي 2 – 2 ڀاتين کي روزگار ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. آءِ جي سنڌ دهشتگردن بابت معلومات ڏيندڙ کي 50 لک رپيا انعام ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو. آءِ جي سنڌ اهڙو اعلان گذريل ڏينهن واردات واري هنڌ جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. دهشتگردن جي فائرنگ ۾ شهادت ماڻيندڙ اهلڪارن ۾ رستم، اسماعيل، وزير احمد، غلام رسول، دائم الدين، غازي خان ۽ ياسين شامل آهن. سمورا پوليس اهلڪار پوليو مهم ۾ مصروف ٽيمن جي حفاظت لاءِ مقرر ٿيل هئا. پوليس ذريعن مطابق 3 پوليس اهلڪار موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ بنگله بازار جي علائقي ۾ شهيدٿي ويا جڏهن ته 4 پوليس اهلڪارن کي هڪ دڪان جي ٻاهران فائرنگ ڪري شهيد ڪيو ويو. هٿياربند واردات بعد فرار ٿي ويا. رينجرز سنڌ جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل بلال اڪبر واقعي واري هنڌ پهچي ويو ۽ عوام کي اپيل ڪئي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن بابت ڪو به اطلاع هجي ته رينجرز ۽ پوليس کي ڏنو وڃي. هن چيو ته رينجرز ۽ پوليس واقعي جي گڏيل طور تي جاچ ڪندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *