ڪراچي: پوليس مقابلن ۾ طالبان ۽ گينگ وار سميت 6 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس اورنگي ٽائون ۽ نيپيئر  ۾ مبينا مقابلن ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ گينگ وار سان تعلق رکندڙ 6 جوابدارن کي ماري بارودي مادو  هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئيآهي، تفصيل مطابق ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ  (سي ٽي ڊي) دهشتگردي ٽوڙ گارڊن ۾ مقرر انسپيڪٽر علي رضا اورنگي ٽائون ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران 2 جوابدارن کي سخت زخمي حالت ۾ گترفتار ڪري ورتو جيڪو ان کانپوءِ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو سي ٽي دي پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جو  تعلق پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان خان زمان گروپ مان آهي جيڪو دهشتگردي جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ پويلس کي گهربل هو جڏهن ته حيرت انگيز طور تي سي ٽي ڊي پوليس کي مارجي ويل دهشتگردن جي نالن جي خبر ناهي پئجي سگهي نيپيئر ۽ ڪلاڪوٽ پوليس گڏيل ڪارروائي دوران ڪشتي چوڪ رحمانيه چوڪ ويجهو مبينا مقابلي ۾ لياري گينگ وار جي 2 گيگسٽرز کي ماري هٿيار ۽ دستي بم هٿ ڪري ورتا، ايس ايڇ او اعظم خان جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن جو تعلق گينگ وار بابا لاڊلا گروپ سان ٻڌايو پيو وڃي جڏهن ته مقابلي دوران 3 جوابدار موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، پوليس شڪ ظاهر ڪيو آهي ته مارجي ويل جوابدارن ڪجهه ڪلاڪ اڳ کارادر علائقي ۾ پوليس اهڪلارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث ٿي سگهن ٿا جڏهن ته ان حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *