ڪراچي يونيورسٽي کي ڪنهن جي فائدي لاءِ بدنام ڪيو ويو: سپريم ڪورٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سُپريم ڪورٽ ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڪراچي يونيورسٽي کي سڄي ملڪ ۾ بدنام ڪيو ويو آهي، سموري گڙٻر ڪنهن کي فائدو پهچائڻ لاءِ ڪئي وئي آهي، هاڻي ته لڳي نٿو ته يونيورسٽي ٺيڪ ٿيڻ جي گنجائش آهي. سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ عورت ائسوسيئيٽ پروفيسر کي شيخ زيد اسلامڪ سينٽر جي ڊائريڪٽر طور مقرر ڪرڻ واري معاملي تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته توهان جهڙن ماڻهن جي ڪري ڪراچي يونيورسٽي سڄي ملڪ ۾ بدنام ٿي وئي آهي، اهڙي قسم جي قدمن سبب ملڪ ۾ هاڻ ڪراچي يونيورسٽي کي سٺو نٿو سمجهيو وڃي، اهي سموري گڙٻڙ ڪنهن نه ڪنهن کي فائدو پهچائڻ لاءِ ڪئي وئي آهي. جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ۾ چيو ته چاليهه سال اڳ ڪراچي يونيورسٽي کي پريميئم يونيورسٽي سمجهيو ويندو هو، هاڻي ته لڳي ٿو يونيورسٽي جي ٺيڪ ٿيڻ جي گنجائش ئي نه آهي. عدالت ڪراچي يونيورسٽي جي وڪيل طرفان پيش ڪيل ڪاغذن جون ڪاپيون درخواستگذار جي وڪيل کي مهيا ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ 22 جولاءِ تائين ٻڌڻي ملتوي ڪندي وڪيلن کي دليلن لاءِ تياري ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *