ڪراچي واسين کي وڏو جهٽڪو، بجلي 5 رپيا في يونٽ مهانگي، نيپرا منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت طرفان پئٽرول جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ نيپرا ڪراچي جي شهرين کي بجلي جو وڏو جهٽڪو ڏيندي في يونٽ قيمت ۾ وڏو واڌارو ڪري ڇڏيو. نيپرا طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب ڪي اليڪٽرڪ جي واهپيدارن لاءِ في يونٽ بجلي 4 رپيا 83 پئسا مهانگي ڪئي وئي آهي، بجلي مارچ جي ماهوار فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ مهانگي ڪئي وئي آهي. پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نيپرا 27 اپريل 2022ع تي ايف سي اي تي عوامي ٻڌڻي ڪئي هئي، انکان پهريان فيبروري جو ايف سي اي واهپيدارن کان 1 رپيو 38 پئسا جارچ ڪيو ويو هو. نيپرا پريس ريليز ۾ چيو ويو آهي ته مارچ جو ايف سي اي فيبروري جي ڀيٽ ۾ 3 رپيا 45 پئسا جڏهن ته جون ۾ وڌيڪ چارج ڪيو ويندو ۽ اهو لايف لائن کانسواءِ ڪي اليڪٽرڪ جو سمورن واهپيدارن تي لاڳو هوندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *