ڪراچي: هلندڙ سال دوران 14 پوليس اهلڪار دهشتگردي جو نشانو بڻيا

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) شهر ۾ هلندڙ سال جي 7 مهينن دوران 14 پوليس اهلڪارن کي دهشتگردي جو نشانو بڻايو ويو جنهن  سي ٽي ڊي جا اهلڪار به شامل آهن. ڪراچي ۾ 4 جنوري تي شاهراهه فيصل تي هوٽل تي فائرنگ ۾ هلڪار اقبال محمود شهيد ٿيو ۽ 10 جنوري تي سي ٽي ڊي جو اهلڪار خاد حسين اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ جو نشانو بڻيو جڏهن ته 21 جنوري تي گلشن اقبال ۾ پوليس فائونڊيشن جي جوان علي نواز کي ٽارگيٽ ڪيو ويو. 11 اپريل تي سلطان آباد ۾ منگهي پير جي انٽيليجنس آفيسر فريد کي فائرنگ ڪري شهيد ڪيو ويو ۽ 20 مئي تي نيو ٽائون ٿاڻي جي موبائيل تي فائرنگ ۾ اي ايس آءِ افتخار ۽ ڪانسٽيبل راجا يونس شهيد ٿي ويا. 23 جون تي سائيٽ ايريا ۾ افطار جي وقت 4 پوليس اهلڪار دهشتگردي جو نشانو بڻيا. 21 جولاءِ تي ڪورنگي دارالعلوم ڀرسان پوليس موبائيل تي فائرنگ ۾ 3 پوليس اهلڪار شهيد ٿيا جڏهن ته جولاءِ ۾ ئي ابوالحسن اصفهاني روڊ تي فائرنگ ۾ هڪ ٽريفڪ اهلڪار شهيد ٿيو ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو.  ٻئي طرف آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه چيو آهي ته سنڌ پوليس جي جوانن کي جلد بلٽ پروف جيڪٽس فراهم ڪيون وينديون. پوليس جي شهيدن واري ڏهاڙي تي ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه چيو ته سنڌ پوليس تي حملن ۾ ملوث جوابدارن کي جلد انجام تائين پهچايو ويندو. هن چيو ته ٽريفڪ پوليس تي حملن جي جوابدارن جي سڃاڻپ لاءِ سندن مدد ڪن. سندس چوڻ هو ته شهادت جو رتبو تمام گهڻو اهم آهي، هو پوليس جي جوانن کي ڀيٽا پيش ڪري ٿو. آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه چيو ته  ڪراچي ۾ پوليس تي حملن جي تازي لهر ۾ هڪ کان وڌيڪ ٽولا ملوث آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *